نيويارڪ-05 ڊسمبر (اي پي پي) ??مر??ڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽ??مپ ڊجيٽل ڪرنسي جي استعمال جي حامي پال ايٽڪنز کي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن (ايس اي سي) جو سربراهه نامزد ڪري ڇڏيو آهي. ڪرپٽو ڪرنسي انڊسٽري طرفان پال ايٽڪنز جي نامزدگي کي سٺو قدم قرار ڏنو آهي. ڊونلڊ ٽ??مپ پنهنجي چونڊ مهم دوران ??مر??ڪا جي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جي موجوده سربراهه گيري گينسلر کي عهدي تان هٽائڻ جو واعدو ڪيو هو ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي دور ۾ ??مر??ڪا ۾ ڊجيٽل ڪرنسي استعمال ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو هو. ڊونلڊ ٽ??مپ پاران ان موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پال ايٽڪنز 2017ع کان ڊجيٽل چيمبر آف ڪامرس جو شريڪ چيئرمين رهيو، اهو تسليم ڪري ٿو ته ڊجيٽل اثاثا ??مر??ڪا کي عظيم ملڪ بڻائڻ لاءِ تمام گهڻا اهم آهن. هڪ ٻي بيان ۾ ڊونلڊ ٽ??مپ اڳوڻي سينيٽر ڪيلي لوفر کي سمال بزنس ايدمنسٽريشن جو سربراهه نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. واضح رهي ته ڊونلڊ ٽ??مپ جي چونڊ دوران ڪرپٽو ڪرنسي جي حامين طرفان ٽ??مپ کي وڏي انگ ۾ عطيا فراهم ڪيا هئا. ڊونلڊ ٽ??مپ جي ان قدم کانپوءِ ڊجيٽل ڪرن??ي ٻٽ ڪو??ئن جو ايشيائي ٽريڊ مارڪيٽ ۾ اگهه وڌي هڪ لک 2 هزار 700 ڊالر جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو آهي، واضح رهي ته ڊونلڊ ٽ??مپ جي 5 نومبر تي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ بٽ ڪو??ئن جي قيمت ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿي چڪو آهي. جڏهن ته ٻئي طرف ڊونلڊ ٽ??مپ پنهنجي ئي نامزد ڪيل دفاع واري وزير پيٽ هيگسيٺ جي جڳهه تي فلوريڊا جي گورنر ران ڊي سينٽيس کي پينٽاگون جي قيادت لاءِ نامزد ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، اها ڳالهه ??مر??ڪا جي مشهور اخبار” وال اسٽريٽ جنرل “ پنهنجي رپورٽ ۾ چئي آهي. جڏهن ته وال اسٽريٽ جنرل جو اهو به چوڻ آهي ته اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڊونلڊ ٽ??مپ پيٽ هيگسيٺ جي جاءِ تي ڊي سينٽيس کي دفاع واري وزارت لاءِ نامزد ڪرڻ بجاءِ ڪنهن ٻئي کي نامزد ڪري ڇڏي.
ڊونلڊ ٽرمپ پاران پال ايٽڪنز سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جو سربراهه نامزد، دفاع واري نامزد وزير پيٽ هيگسيٺ جي تبديلي تي غور
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی