برن-06 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ ارب پتين جي دولت ۾ 10 سالن ۾ 121 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ج??هن ته ٽيڪنالاجي جي صنعت سان لاڳاپيل ارب پتين جي دولت 2015ع ۾ 788.9 بلين ڊالرن کان ٽيڻ تي و??ي 2024ع ۾ 2.4 ٽريلين ڊالر ٿي وئي، 2024ع ۾ اٽڪل 268 ماڻهو پهريون ڀيرو ارب پتي بڻيا. سوئٽزر لينڊ جي سڀ کان وڏي بئنڪ يو بي ايس جي يو بي ايس ساليانو بلين ائرز ايمبيشنز رپورٽ جي 10 هين ايڊيشن ۾ چوڻ آهي ته ارب پتين جي دولت ۾ 121 سيڪڙو جو اضافو ٿي?? آهي، ج??هن ته ارب پتي وڌيڪ تيزي سان لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن، 2020ع کان هن وقت تائين 176 ارب پتي پنهنجن ملڪن کان ٻئي ملڪ منتقل ٿي چڪا آهن، سوئٽزرلينڊ، گڏيل عرب ام??رت??،سنگاپور ۽ آمريڪا انهن جا مشهور ۽ پسنديد هنڌ آهن. سوئيس يو بي ايس چي?? آهي ته ارب پتين گذريل ڏهاڪي دوران پنهنجي گڏيل دولت 121 سيڪڙو جي واڌ بعد 14 ٽريلين تائين پهچائي آهي. ٽيڪنالاجي (ٽيڪ) ارب پتين جا خزانا تيزي سان ڀري رهي آهي، گذريل 10 سالن ۾ آمريڪي ڊالر ۾ سيڙپ رکندڙ ارب پتي ماڻهن جو انگ 1757 مان وڌي 2682 ٿي ويو. جيڪو 2021ع ۾ 2686 سان عروج تي هو. رپورٽ ۾ ٻڌايو وي?? آهي ته 2020ع بعد کان چين جي ارب پتي ماڻهن ۾ گهٽتائي جي ڪري عالمي ترقي جو رجحان سست ٿي وي?? آهي. چين ۽ هانگ ڪانگ جي ارب پتي شهرين جي دولت 16.8 سيڪڙو جي گهٽتائي سان 1.8 کرب دالر تي اچي وئي آهي. ڀ??رت?? ارب پتي شهرين جي دولت 42.1 سيڪڙو جي واڌ سان 905.6 بلين دالر ٿي وئي آهي ج??هن ته انهن جو انگ ا153 مان وڌي 185 ٿي وي?? آهي. اولهه يو??پ جي ڪل ارب پتين جي دولت 16.0 سيڪڙو جي واڌ سان 2.7 ٽرلين ڊالر ٿي وئي آهي جن ۾ سوئٽزرلينڊ جي ارب پتي شهرين ۾ 24 سيڪڙو جو اضافو ٿي?? آهي. گڏيل عرب امارات جي ارب پتي شهرين جي مجموعي دولت 39.5 سيڪڙو جي واڌ سان 138.7 بلين ڊالر ٿي وئي آهي.
سڄي دنيا ۾ ارب پتين جي دولت ۾ 10 سالن ۾ 121 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ: سوئيس بئنڪ جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار