واشنگٽن-13 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا يوڪرين ??اءِ وڌيڪ 50 ڪروڙ ڊالر جي فوجي امدادي جي نئين ??يڪيج جو اعلان ڪي?? آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ان حوالي سان هڪ بيان ۾ ??يو ته آمريڪا يوڪرين کي فوري طور تي گهربل هٿيارن ۽ اوزارن جو هڪ ٻيو اهم پيڪيج فراهم ڪري رهي?? آهي جنهن ۾ ٻين اوزارن سان گڏو گڏ همارس راڪيٽ لانچرز، آرٽلري گوله بارود، ڊرونز، بڪتربند گاڏيون ۽ ڪيميائي، حياتياتي، ريڊيولاجيڪل ۽ ايٽمي حملن کان حفاظت لاءِ گوله بارود شامل آهي. اها امداد هڪ مهينو اڳ آمريڪا طرفان يوڪرين ??اءِ اعلانيل 988 ملين ڊالر جي فوجي امداد ۽ 725 ملين ڊالر جي هڪ ٻئي فوجي امداد جي پيڪيج کان علاوه آهي. واضح رهي ته موجوده آمريڪي انتظاميا ايندڙ مهيني صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف کڻڻ کان ??ڳ يوڪرين کي وڌ کان وڌ امداد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام