اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي ??اري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته ميڊيا هائوسز ۽ ميڊيا ڪارڪنن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ سيڪيورٽي قدمن جي ضرورت آهي. ميڊيا هائوسز جي سيڪيورٽي معاملن جي حل لاءِ قائم ڪيل وزارتي ڪميٽي جي ڇهين اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت صحافي برادري جي تحفظ جو پڪوپهه ڪيو آهي ۽ جرنلسٽ ويلفيئر اينڊ پروٽيڪشن بل 2016?? جي تياري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن ميڊيا جي ڪارڪنن جا جائز مطالبا پورا ٿي سگهن. ان موقعي تي تعليم وارو مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان ۽ وزيراعظم جو قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي ??ارو صلاحڪار عرفان صديقي پڻ موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته بل ۾ انڊ??نم??نٽ فنڊ بابت شقون، جاني نقصان يا زخمي ٿيڻ جي صورت ۾ معاوضو ۽ انشورنس اسڪيم شامل آهي جن??ن جو مقصد ميڊيا جي صنعت ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن جي پائيدار ترقي ۽ تحفظ آهي.
ميڊيا هائوسز جي تحفظ لاءِ سيڪيورٽي قدمن جي ضرورت آهي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria