اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪ??ءَ جا لاڳاپا دوستي کان وڌي ڀائراڻا آهن ۽ اهي لاڳاپا مسلمان امت ۽ انسانيت جي ب??تر?? جو سبب بڻجندا. هن اها ڳالهه ترڪ مذهبي معاملن جي وفد سان ملاقات دوران چئي جنهن پروفيسر ڊاڪٽر محمت گورمز جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي ??ي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف ۽ ترڪ سفير بابر گورگن پڻ موجود هئا. صدر چيو ته وفدن جي مسلسل مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته اسان امام حا??ب اسڪول سسٽم قائم ڪرڻ جي تجويز کي ساراهيون ٿا ۽ ترڪ??ءَ ۾ اسلامي يونيورسٽي جي طرز تي قائم ٿيندڙ يونيورسٽي سان ٻنهي يونيورسٽين جي وچ ۾ تعاون وڌايو ويندو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا