اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) ??زي??اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقا (فاٽا) کي خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪرڻ جي باري ۾ بل ڪنهن ٻاهرين دٻاءُ سبب نه پر سياسي پارٽين جي وچ ۾ اتفاق راءِ کانپوءِ قومي اسيمبلي ??ان منظور ٿيو آهي، ڪي پي ڪي سان فاٽا جو انضمام پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي منشور جو حصو رهيو آهي، مسلم ليگ (ن) نه ته پهرين ڪڏهن چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ نه ئي آئنده ڪندي، هو ??زي??اعظم آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي?? هو، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? مريم اورنگزيب، سيفران وارو وفاقي ??زي?? ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ، قانون وارو اڳوڻو ??زي?? زاهد حامد ۽ فاٽا مان قومي اسيمبلي ??يمبر شاهه جي گل آفريدي به ساڻس گڏ هئا.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز