لاهور 20- سيپٽمبر (اي پي پي)وزيراعظم جي خاص ??لاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته اي پي سي جو مطلب آل پاڪستان لٽ مار ڪميٽي ۽ قوم جي لٽيل رقم کي ??چا??ڻ لاءِ ڪرپٽ اشرافيه جو ڳٺ جوڙ آهي. جڏهن سڀئي چور گڏ ٿي وڃن ته سمجهي ڇڏيو ته ڪو ايماندار ٿاڻيدار اچي ويو آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر آل پاڪستان لٽ مار ايسوسيئيشن گڏ ٿي رهي آهي، اربين رپين جي مني لانڊرنگ ڪرڻ سان اپ??زيشن جي اُڃ ناهي ختم ٿي، ماضيءَ ۾ مخالف ڌر جون اهي ??ار??يون هڪ ٻئي ??لاف ڇا نه چونديون رهيون آهن؟ اپ??زيشن وارا گڏجي صرف اين آر او گهري رهيا آهن، مخالف ڌر جيتريون به چاهي اي پي سي ڪري جنهن جي دل چوي خطاب ڪري پر مخالف ڌر لاءِ اهو پيغام آهي ته انهن کي اين آر او نه ملندو. وزيراعظم عمران خان اين آر او نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته اهي ماڻهو اي پي سي ڪري رهيا آهن. آصف علي زرداري کي علي بابا چاليس چور چوڻ وارو شهباز شريف هاڻي پاڻ ئي ??يڪتاليهون چور بڻجي ڪرسي لاءِ وڃي رهيو آهي، ته ڪٿي ان تي مريم نواز نه ويهي رهي. اهڙو اظهار هن پريس انفارميشن ڊ??ار??مينٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اپ??زيشن جي ٻن سالن ۾ اها پنجين ويهڪ آهي، اڄ تائين اسان اپ??زيشن جي مختصر عرصي ۾ ايتريون اي پي سيز ناهن ڏٺيون. هن چيو ته موجوده اپ??زيشن جو نظريو بنيادي طور تي ڪوڙ تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن انهن کان حساب وٺون ٿا ته چون ٿا اسان کان سياسي انتقام ورتو پيو وڃي. هن چيو ته اي پي سي جي لسٽ ۾ انهن ماڻهن جا نالا، انهن جي ڪرپشن سبب داخل آهن جيڪو وڌيڪ ڪرپٽ آهي. ان جو نالو سڀ کان مٿي آهي. هن چيو ته سياست ۾ نئون آيل بلاول جنهن جون پنجاب ۾ ڪجهه سيٽون آهن اڄ شهباز شريف پنهنجي خاندان سميت ان جي بارگاهه ۾ حاضر آهي ۽ اتي وڃي اين آر او گهري رهيو آهي. هن چيو ته پهرين انهن ايف اي ٽي ايف جي معاملي تي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. شهباز شريف ۽ ٻين چورن جي آمدني ۾ ايترو اضافو ٿي چڪو اهي جو ڏسي ڪري عقل دنگ رهجي ويندي آهي ۽ هاڻي انهن کي احتساب جي نالي کان خوف اچي رهيو آهي.
اي پي سي جو مطلب آل پاڪستان لٽ مار ڪميٽي ۽ ڪرپٽ اشرافيه جو ڳٺ جوڙ آهي: شهباز گل
مضمون کا ماخذ : apostas quina