اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شفاف چونڊن لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال اڻٽر آهي، چونڊن ۾ شفافيت حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان ڳالهه تي ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جو اتفاق آهي ته چونڊون صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجن جن تي سڀني کي اعتماد ۾ هجي، صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ قدمن جي حوالي سان بامقصد نتيجي تي پهچڻ وڌيڪ اهم آهي، پارلياماني جمهوريت ۾ سدائين ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت 16 آڪٽوبر 2020ع تي ريفارمز پيڪيج جو بل پيش ڪيو پر پارلياماني ڪميٽي ۾ ڪنهن مخالف ڌر پارٽي ڪا دلچسپي نه ورتي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مش??ن جي استعمال جي ڳالهه اچي ٿي ته ان تي به مخالف ڌر پارٽيون مش???? کي ڏسڻ کانسواءِ ئي رد ڪري ڇڏينديون آهن، ان کانپوءِ سينيٽ ۾ معاملو وڃي ٿو ته ب??ث ۽ مباحثي جي نظر ڪيو ويو ۽ بل منظور ڪرڻ جو وقت گذري ويو، هاڻي ان معاملي جي حل لاءِ هڪ ٻي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هاڻي اهو معاملو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ کنيو ويندو ته جيئن ڳالهين جي ذريعي سڀني ڌرين جي وچ ۾ اعتماد جي فضا پيدا ٿي سگهي، هن چيو ته حڪومت هر ڀيري مخالف ڌر کي دعوت ڏني ته هو چونڊ سڌارن جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڏي، وزيراعظم عمران خان پارليامينٽ ۾ بيهي چيو ته مخالف ڌر پارٽيون پنهنجون تجويزون پيش ڪري اسان ا?? کي ڀليڪار چونداسين، مخالف ڌر پارٽي?? کي گهرجي ته هو چونڊ نظام کي فول ??رو?? بڻائڻ ۽ شفافيت آڻڻ جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڏي، هن چيو ته ب??ر بار ڌانڌلي جو شور ڪرڻ سان صرف وقت ضايع ٿيندو، گذريل چونڊن دوران تقريبن 15 لک ووٽ رد ٿيا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مش??ن جي استعمال سان هڪ ووٽ به رد نه ٿيندو، ان کانسواءِ ووٽ وجهڻ جو پيپر ٽريل به موجود هوندو جنه?? کي بعد ۾ چيڪ ڪري سگهجي ٿو، اليڪشن ايڪٽ 2017ع به اي وي ايم جي استعمالو جي اجازت ڏي ٿو، دنيا جي 20 ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مش??نز جو استعمال ڪيو پيو وڃي.
شفاف چونڊن لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال اڻٽر آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب