اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ هنرمند پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، نوجوانن کي عالمي معيار جي پيشيوراڻي تربيت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. عمران خان جي صدارت ۾ ترجيحي شعبن جو جائزه اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس کي ٻاهرين ملڪ افرادي قوت، ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ انتظامي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۽ وزيراعظم جي ٻاهرين ملڪ دورن تي صحيح ٿيل مفاهمتي يادداشتن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته نوجوانن کي عالمي معيار موجب بڻائڻ اولين ترجيحن ۾ شامل آ??ي، سفارتخانن کي ان حوالي سان هدايتون ??ار?? ڪيون ويون آهن ته تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت ۽ اوورسيز سان تعاون سان هنر مند افرادي قوت جي برآمد کي يقيني بڻائين، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ان حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آ??ي، سمورا ادارا گڏيل تعاون سان افرادي قوت جي عالمي کپت کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، حڪومت ننڍي ۽ وچولي طبقي جي ڪاروبار کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آ??ي، ترجيحي شعبن ۾ قدمن لاءِ تعين ٿيل وقت جو خاص خيال رکيو وڃي. اجلاس کي ٻاهرين ملڪ افرادي قوت، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ انتظامي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۽ وزيراعظم جي ٻاهرين ملڪ دورن تي صحيحون ٿيل مفاهمتي يادداشتن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، افرادي قوت جي برآمدات وڌائڻ لاءِ اوورسيز ايمپلائيمنٽ پورٽل شروع ڪيو ويو آ??ي، پورٽل ٻاهرين ملڪ ??وز??ار جا موقعا ۽ اميدوارن جي وچ ۾ هڪ رابطي جو ڪم ڪري رهيو آ??ي، پورٽل سان عالمي سطح تي گهربل اسڪل سيٽ جي نشاندهي به ٿي رهي آ??ي، پورٽل ٻاهرين ملڪ ??وز??ار جي اهل اميدوارن کي شفاف طريقي سان ??وز??ار جي ڳولا ۾ مددگار ثابت ٿي رهيو آ??ي، مقامي هنرمند ماڻهن کي ٻاهرين ملڪ ??وز??ار جي حصول ۾ معاونت لاءِ حڪومت طرف لائحه عمل تيار آهي. بريفنگ ۾ٻڌايو ويو آهي ته پهرين مرحلي ۾ ترجيحي شعبن ۽ ملڪن جي نشاندهي ڪئي وئي آ??ي، وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت نشاندهي ڪيل شعبن ۾ تربيت فراهم ڪندي، هن وقت تائين وزارت تحت تربيت ٿيل 50 هزار ماڻهو ٻاهرين ملڪ مختلف شعبن ۾ خدمتن جي ذريعي 2.6 ارب ڊالر جو پرڏيهي ناڻو موڪلي چڪا آهن، نيشنل ايڪريڊيٽيشن ڪائونسل اڄ تائين پنج عالمي ادارن سان سرٽيفڪيشن حاصل ڪري وڌيڪ ادارن سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. وزيراعظم هنرمندي افرادي قوت جي برآمد وڌائڻ لاءِ قدمن کي جل?? مڪمل ڪرڻ جون هدايتون ??ار?? ڪيون، اجلاس کي وزيراعظم جي ٻاهرين ملڪ دورن جي موقعي تي صحيحون ٿيل مفاهمتي يادداستن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مفاهمتي يادداشتن تي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري ان تي عملدرآمد ??ار?? آ??ي، جن منصوبن تي عملدرآمد ۾ رڪاوٽون درپيش هيون انهن کي به ختم ڪري جل?? ڪم مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس کي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ انتظامي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ تي به بريفنگ ڏني وئي. ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ انتظاميه سڌارن تي عملدرآمد تيزي سان ??ار?? آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پهرين ۽ ٻي مرحلي ۾ 98 ۽ 96 سيڪڙو ڪم مڪمل آهي جڏهن ته تازو ئي شروع ڪيل ٽئين مرحلي ۾ به ترجيحي بنيادن تي ڪم ??ار?? آ??ي، آسان ڪاروبار پورٽل تي ڪم مڪمل آهي جنهن کي جل?? شروع ڪيو ويندو، 21 شعبن ۾ 58 ادارن ۾ 68 سڌارا لاڳو ڪيا پيا وڃن، سڌارن سان ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ آساني ۽ ??وز??ار جا موقعا پيدا ٿيندا، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پورٽل تي فيڊ بيڪ جو طريقيڪار به واضح ڪيو ويو آهي جنهن سان شعبي مان سڌو سنئون راءِ ملندي، کاڌي پيتي جي شين جي معيار کي پوري ملڪ ۾ هڪجهڙو ڪرڻ لاءِ اسٽينڊرڊز ??ار?? ڪيا ويا آهن جنهن کي سمورا صوبا متفقه طور تي لاڳو ڪندا. بريفنگ ۾ اجلاس کي سيڙپڪاري جي شعبي ۾ رڪاوٽن ۽ ان جي حل لاءِ حڪومت جي قدمن کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم رڪاوٽن کي جل?? حل ڪرڻ جون هدايتون ??ار?? ڪيون، ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي سموري اين او سي جي ڊجيٽل شروع ڪرڻ تي ڪم به جل?? مڪمل ڪري وٺندي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻاهرين ملڪن مان گند ڪچري جي درآمد تي جامع حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي ۽ مقامي گند ڪچري کي متبادل جي طور تي استعمال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پيمرا پاران هوٽل مالڪن کي ڌار ڪيبل لائسنس ??ار?? ڪرڻ تي نظرثاني ڪئي پئي وڃي، اجلاس ۾ وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت وارو وزير شفقت محمود، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.
ٻاهرين ملڪ رهندڙ هنرمند پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری