اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي معاشي ترقي جي لاءِ صنعتي ??عبي جي ترقي انتهائي ضروري آهي، حڪومت صنعتي ??رقي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، ننڍي ۽ وچولي پئماني جي صنعت جي لاءِ ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ايس ايم اي پاليسي جاري ڪئي وئي، ڪورونا وبا دوران حڪومت جي ڪامياب پاليسين جي ڪري صنعتن جو ڦيٿو هلندو رهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ۾ صنعتي ??عبي جي ترقي تي ??عليٰ سطحي اج??اس کي خطاب ڪندي ڪيو. اج??اس کي صنعتي ??عبي جي موجوده صلاحيت ۽ ترقي جي لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي تي ??فصيلي بريفنگ ڏني وئي. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي باوجود صنعتي ??عبي تمام گهڻي ترقي ڪئي جنهن جو سڀ کان وڏو دليل ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جو پنهنجي مڪمل صلاحيت سان ڪم ڪرڻ آهي، تعميراتي ??عبي جي ترقي جي لاءِ حڪومتي پئڪيج جي ڪري ملڪ ۾ نه رڳو اقتصادي بهتري آئي پر روزگار جا وسيع موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملي. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته مينوفيڪچرنگ سيڪٽر هن وقت جي ڊي پي جو 12.79 سيڪڙو آهي ج??هن ته حڪومت ان کي وڌائي 25 سيڪڙو ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، مينوفيڪچرنگ سيڪٽر جي ترقي سان ملڪ ۾ روزگار جي فراهمي ۽ مجموعي طور تي ملڪي معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اج??اس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته حڪومت صنعتن جي موجوده صلاحيت کي وڌائڻ، ِسڪ يونٽس کي فعال ڪرڻ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پلانٽ ۽ مشينري ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪئي آهي جنهن تي ??ملدرآمد ترجيحي بنيادن تي ??اري آهي. ان کانسواءِ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ، ننڍي ۽ وچولي پئماني تي ??نعت جي ترقي جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم صنعتن ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ جي هدايت جاري ڪئي. اج??اس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، اسد عمر، خسرو بختيار، حماد اظهر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
ملڪي معاشي ترقي جي لاءِ صنعتي شعبي جي ترقي انتهائي ضروري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina