اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن جي موجب جديد اسلامي فلاحي رياست ٺاهڻ جي لاءِ اجتماعي قومي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، تحريڪ پاڪستان جي قائدين جي جدوجهد ۽ قربانين جي باري ۾ آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ن??ري?? پاڪستان ڪائونسل (ٽرسٽ) جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ن??ري?? پاڪستان ڪائونسل جي چيئرمين ميان محمد جاويد پاران صدر کي ٽرسٽ جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ هن ٻڌايو ته ٽرسٽ جو بنيادي مقصد حب الوطني ۽ اسلام جي تعليم کي عام ڪرڻ آهي، ٽرسٽ سڄي ملڪ ۾ پاڪستان کي درپيش مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ مبحاثي ۽ سيمينارز جو انعقاد ڪندو آهي، ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب جديد اسلامي فلاحي رياس?? بڻائڻ لاءِ اجتماعي قومي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، تحريڪ پاڪستان جي قائدين جي جدوجهد ۽ قربانين جي باري ۾ آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي. نوجوان نسل کي ن??ري?? پاڪستان سان روشناس ڪرائڻ جي ضرورت آهي. صدر ن??ري?? پاڪستان اجاگر ڪرڻ، نوجوان نسل ۾ حب الوطني جي جذبي کي ه??ي وٺرائڻ ۾ ٽرسٽ جي ڪوششن کي ساراهيو.
تحريڪ پاڪستان جي قائدين جي جدوجهد ۽ قربانين جي باري ۾ آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ