اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف چيو آهي ته اسان ڪنهن کان بدلو نه وٺنداسين پر قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو، وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ ڳال??ائ??ندي شهباز شريف چيو ته آئون سڀني ساٿين جو ٿورائتو آهيان، انهن جي ??وش??ن ۽ ٻڌي سان هڪ نئون سج اڀرڻ وارو آهي، نئون ڏينهن اچڻ وارو آهي، عوام جون دعائون الله ٻڌي ورتيون. هن چيو ته گڏيل مخالف ڌر جي ڏاهن کي سلا?? پيش ڪريان ٿو، جن اتحاد، يڪجهتي، نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪيو. شهباز شريف چيو ته اسان ڪنهن کان بدلو نه وٺنداسين، ڪنهن سان ناانصافي نه ڪنداسين ۽ نه ئي ڪنهن کي جيلن ۾ وجهنداسين نه ڪنهن سان ناانصافي ڪنداسين پر قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو. ميان شهباز شريف چيو ته آئون آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان سميت سڀني ساٿين جو ٿورائتو آهيان جن بي اعتمادي رٿ ڪامياب ڪرڻ جي لاءِ ??وش??ون ڪيون.
اسان ڪنهن کان بدلو نه وٺنداسين پر قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو: شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر