اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي ايسوسيئيشن (آسيان) جي ميمبر ملڪن کي 55 هين آسيان ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو آسي??ن سان پراڻو تعاون آهي. تعاون، دوستي ۽ عدم مداخلت جي اصو??ن تي قائم آسيان هڪ متحرڪ ۽ ٺوس اقصادي برادري ۾ تبديل ٿيو آهي جيڪو علائقائي امن ۽ ترقي جي گڏيل مفادن کي ا??تي وڌائي ٿو. پرڏيهي آفيس جي جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي ايسوسيئيشن آسيان جي ميمبر ملڪن کي آسيان جي 55 هين ڏهاڙي تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو،. پاڪستان جو آسي??ن سان پراڻو تعلق ۽ تعاون آهي، 1993ع کان پاڪست??ن سيڪٽرل ڊائيلاگ پارٽنر جڏهن ته 2004ع کان آسيان ريجنل فورم جو ميمبر آهي. پاڪستان 2004ع ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ تعاون جي معاهدي ۾ پڻ شموليت اختيار ڪئي. ترجمان چيو ته پاڪستان آسيان جي ا??ڀرائي ۽ علائقائي تعاون کي ا??تي وڌائڻ ۾ اهم اڳڀرائي کي ساراهي ٿو. پنهنجي ويزن ايسٽ ايشيا پاليسي موجب پاڪستان آسي??ن سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ کي اولين ترجيح ڏي ٿو جنهن ۾ بهتر رابطا ۽ عوامي سطح تي رابطا شامل آهن. ترجمان چيو ته تازو ئي منعقد ٿيندڙ 29 هين اي آر ايف وزارتي اجلاس ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي شرڪت آسي??ن سان پاڪستان جي حصيداري کي ا??تي وڌائڻ جي لاءِ ان عزم جو اظهار آهي.
پاڪستان جو آسيان سان پراڻو تعاون آهي: پرڏيهي آفيس جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث