اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عدالت جي ٻاهر صحافين سا?? پوليس جي بدسلوڪي جي شديد مذمت ڪندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ کي واقعي جو سختي سا?? نوٽيس وٺڻ جي درخواست ڪ??ي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ۽ پوليس جو صحافين تي تشدد انتهائي مذمت جوڳو آ??ي، صحافين سا?? معذرت ڪ??يان ٿي، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله سا?? معاملي تي ڳالهه ڪئي آهي، گهرو وزير کي درخواست ڪ??ي آهي ته صحافين سا?? ان واقعي تي معذرت ڪ??ي وڃي. هن چيو ته گهرو وزير ڪارروائي ڪري ته پوليس تماشائي ڇو بڻيل رهي؟ حملي آورن جا هٿ روڪڻ بدران ميڊيا ک?? نشانو بڻائيندڙن جو تعين ڪيو وڃي. هن چيو ته گيٽ پي ٽي آءِ جا فسادي ٽوڙين ۽ ڏنڊا بيگناهه صحافي کائين، ائين نه هلندو. هن چيو ته پيشيواراڻيون ذميواريون سرانجام ڏيندڙ صحافين تي تشدد افسوس جوڳو ۽ ناقابل قبول آهي. صحافي هر طرح جي سخت ۽ مشڪل حالتن ۾ عوام کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ قابل قدر ڪم ڪن ٿا، صحافين جو احترام ۽ انهن کي فرض سرانجام ڏيڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي.
وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاران عدالت جي ٻاهر صحافين سان پوليس جي بدسلوڪي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ