اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي دعوت تي خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي جنه?? ۾ ??ام چونڊون منعقد ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران ??در ۽ گورنر آئين جي آرٽيڪل 224 (2) ۽ پهرين مارچ ??ي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ اليڪشن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مشورو ڏنو ته گورنر اليڪشن ڪميشن سان مشاورت کانپوءِ چونڊن جي تا??يخ جي حوالي سان ??پريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد ڪري، اٽڪل 2 هفتا گذري ويا، مُشڪلاتن کان ??چڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب چونڊن جي تا??يخ مقرر ڪئي وڃي. صدر آئين جي پاسداري ۽ مقرر مدي ج?? اندر عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته مقرر وقت ۾ چونڊون آئين لازمي قرار ڏنيون، سپريم ڪورٽ توثيق ڪئي آهي، مقرر وقت ۾ چونڊون ملڪ ۾ پارلياماني جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهن.
صدر جي دعوت تي خيبرپختونخواهه جي گورنر جي ساڻس ملاقات
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس