اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وفاقي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ پهريون ڀيرو ورڪنگ جرنلسٽس جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ هڪ ارب رپين جي رقم رکڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ن??ڻي واري وفاقي وزير ??سحاق ڊار جي ٿورائتي آهيان. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو اعلان ڪندي مون کي وڏي خوشي ٿي رهي آهي ته پهريون ڀيرو بجيٽ ۾ ميڊيا ورڪرز ۽ ورڪنگ جرنلسٽس جي لاءِ هيلٿ انشورنس جي لاء?? رقم رکي وئي آهي. مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ هڪ ارب رپيا ان مقصد جي لاءِ رکيا ويا آهن. آئون وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ن??ڻي واري وفاقي وزير ??ا ٿورا مڃيان ٿي ته ان اهم قدم جي لاءِ انهن رقم فر??هم ڪئي. هن چيو ته بطور اطلاعات واري وزير ??هو منهنجي اولين مقصدن مان هڪ هو ته ورڪنگ جرنلسٽس ;E خاص طور تي مشڪل گهڙيءَ ۾ اها سهولت ميسر آئي.
وفاقي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ پهريون ڀيرو ورڪنگ جرنلسٽس جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ هڪ ارب رپين جي رقم رکڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي ٿورائتي آهيان: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا