اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران پرڏيهي وز??ر جليل عباس جيلاني هن وقت ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز اجلاس جي لاءِ لنڊن ۾ آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان ٽن ڏهاڪن کانپوءِ ان فورم جي صدارت ڪري رهيو آهي، اجلاس ۾ دولت مشترڪه جي 56 ملڪن جا وز??ر ۽ نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ميٽنگ جو ٿيم ”امنگ هائر“ ڊيليورنگ مور فار دي ڪامن ويلٿ“ آهي. ترجمان چيو ته دولت مشترڪه جي اجلاس ۾ نوجوانن جي لاءِ مشغوليت، تعليم، روزگار ۽ ماحول جي ذريعي بهترين طريقن ۽ پاليسي ۾ هم آهنگي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وز??ر پرا??يم منسٽر يوٿ پروگرام جي ذريعي نوجوانن جي ترقي ۾ پاڪستان پاران کنيل قدم?? کي پيش ڪيو، جيڪو پٺتي پيل نوجوانن بشمول ڇوڪرين، اقليتن ۽ معذور?? کي بااختيار بڻائڻ کي ترجيح ڏي ٿو. ترجمان چيو ته نگران پرڏيهي وز??ر اجلاس دوران نوجوانن جي تربيت ۽ صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان جي پروگرامن ۽ هائي ٽيڪ صنعتن، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي ۽ ماحولياتي تحفظ ۾ انهن جي وڌندڙ شموليت تي پڻ ??وش??ي وڌي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني هن وقت ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز اجلاس جي لاءِ لنڊن ۾ آهي: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا