اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عام چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪا دير ??ظر نه پئي اچي، چونڊون صاف ۽ شفاف منعقد ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي ڀرپور معاونت ڪنداسين، سياسي پارٽين کي پنهنجي اندر به جمهوريت آڻڻي پوندي، هر سياسي پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺن جو حق حاصل آهي، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني يقيني بڻائڻي پوندي. نجي ٽي وي چينل کي پنهنجي انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم چيو ته قانون تي ??ملدرآمد ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻو پوندو، اسان ڪرنسي جي اهڙي غيرقانوني مارڪيٽ ۾ هٿ وڌو جنهن جي قانون ۾ گنجائش نه آهي، عسڪري قيادت کي به ان جو ڀرپور ڪريڊٽ وڃي ٿو گذريل حڪومتن ان طرف ڌيان نه ڏنو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان کي سويلين ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻي آهي، 5 سال جو مينڊيٽ پارليامينٽ جو هوندو آهي جيڪا گذريل ٽن دورن کان پورو ڪري رهي آهي، پارليامينٽ ئي وزارت عظميٰ جي چونڊ ڪري ٿي، جمهوري طريقي سان حڪومت جي تبديلي پارليامينٽ جو حق آهي. هن چيو ته شفافيت ۽ احتساب جو عمل جنهن جمهوريت ۾ نه هوندو اها ڪامياب نٿي ٿي سگهي، پارليامينٽ جي اندر ويٺل ماڻهو عوام جو مينڊيٽ کڻي اچن ٿا، انهن جون ذميواريون وڌيڪ آهن، پنهنجي ويزن، ڪردار ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي ??وام فيصلن جو اهو اختيار پارليامينٽ ميمبرن کي ڏنل هوندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيس??ائ??ن سياسي پارٽيون پنهنجي سڃاڻپ ۽ ڍانچي ۾ جمهوري نه هونديون ته ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم نه ٿي ٿي سگهي، سياسي پارٽين ۾ جمهوري رويو ??ظر ايندو ته ان جو اثر معاشري تي پوندو. هن موجوده منصب کانپوءِ ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شموليت جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته ان حوالي سان ڪا آئيني يا قانوني پابندي نه آهي، بلوچستان عوامي پارٽي جو هاڻي حصو نه آهيان، اهو به ممڪن آهي ته ڪا پنهنجي پارٽي ٺاهيان، رجسٽرڊ سياسي پارٽين جو اهو آئيني ۽ قانوني حق آهي ته اهي چونڊن ۾ حصو وٺن ۽ پنهنجي چونڊ مهم هلائين، صوبائي نگران حڪومتن پاران آزاداڻيُون ۽ منصفاڻيُون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي مانيٽرنگ ڪنداسين. هن چيو ته نواز شريف سميت ڪو به سياسي اڳواڻ جيڪڏهن اسان جي فرضن جي ادائيگي جي حوالي سان ملاقات جي خواهش ڪندو ته ان سان ضرور ملاقات ڪنداسين. هن چيو ته اسان کي گورننس، اقتصادي پاليسين ۽ سياسي سوچ ۾ ماضي ۾ ڪيل ڪوتاهين تي ??ور ڪرڻو پوندو. هن چيو ته نگران حڪومت جو ڪم روزاني جا معاملا اڪلائڻ ۽ شفاف چونڊن جي لاءِ معاونت فراهم ڪرڻ آهي، اسان جو ڌيان انهي تي ??هي، آزاداڻيون ۽ شفاف چونڊون يقيني بڻائينداسين، نواز شريف جي حوالي سان قانوني گهرجون پوريون ٿينديون. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي جي بهتري، پاڪستان جي بطور رياست مضبوطي ۽ تعمير ۽ ترقي جي لاءِ عوام عمران خان کي ووٽ ڏنا هئا، ان کي ووٽ فوجي ٺڪاڻن تي ??ملي جي لاءِ نه ڏنا ويا هئا، 9 مئي جا ڪيس هڪ قانوني عمل آهي، سائفر رياست جي پراپرٽي هوندي اهي، اهو ٻن آفيسن جي وچ ۾ ڪميونيڪشن جو ذريعو هوندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ دير جا ڪي امڪان ??ظر نه پيا اچن، ان ۾ ڪو به ابهام نه آهي، چونڊن جو پنهنجي وقت تي ??علان ۽ انعقاد ٿيندو. هن چيو ته فيصلاسازي ۾ حتمي فيصلا نگران حڪومت ڪندي آهي، اسان جي ادارن سان موثر ڳالهه ٻولهه آهي، ڊالر جي قدر ۾ گهٽ??ائ?? ۽ کاڌي پيتي ??ي شين جي قيمتن ۾ گهٽ??ائ?? جي حوالي سان کنيل قدمن جو پورو پاڪستان گواهه آهي، ان جا معيشت تي ڏورس اثر پڻ عوام کي ??ظر ايندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري تي هڪ منظم ردعمل سان اهو تاثر ڏئي سگهجي ٿو ته ان جي پٺيان ڪو هڪ ماڻهو يا گروهه هجي، ڇا ائين ٿيو يا نه اهو ڪم جاچ ۽ عدالتي ??مل جو آهي ته اهي ان حوالي سان حقيقتن کان پاڪستاني عوام کي آگاهه ڪن.
عام چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪا دير نظر نه پئي اچي، چونڊون صاف ۽ شفاف منعقد ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي ڀرپور معاونت ڪنداسين، سياسي پارٽين کي پنهنجي اندر به جمهوريت آڻڻي پوندي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات