اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??مت??ز زهره بلوچ چيو آهي ته ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ڊاڪٽر جمشيد خدجائيف عبدوخاڪو مووچ ۽ صنعت ۽ واپار واري ??قتي افغان وزير نورالدين عزيزي واپار بابت پهرين پاڪستان – افغانستان – ازبڪستان ٽه ڌريي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ هلندڙ هفتي جي شروع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت واپار ۽ صنعت واري ??گران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز ڪئي. ڳالهه ٻولهه جو محور واپاري رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، ڪسٽم جي طريقيڪار کي هموار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ کي آسان بڻائن جي ذريعي واپاري ??اڳاپن جو فروغ رهيو. ترجمان چيو ته واپار واري ??گان وفاقي وزير گوهر اعجاز اميد ظاهر ڪئي ته ٽه ڌريو تعاون ٽنهي ملڪن ۾ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيندو. ازبڪستان جي نائب وزيراعظم اسلام آباد ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، واپار ۽ صنعت واري ??زي??، ناڻي ۽ اقتصادي معاملن واري ??زير، مواصلات ۽ ريلويز واري ??زير، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري ??زير ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري ??زير سان ملاقات ڪئي. انهن ملاقاتن جو محور واپار، رابطي، زراعت، ٽرانسپورٽ ۽ دفاع ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ هو. ترجمان چيو ته افغانستان جي صنعت ۽ واپار واري ??قتي وزير دوري دوران نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان ملاقات ڪئي. نگران پرڏيهي وزير افغانستان سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ علائقائي انضمام جي لاءِ واپار ۽ رابطن ۾ اضافي جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته سلامتي ۽ ترقي جي وچ ۾ تعلق تي زور ڏيندي نگران پرڏيهي وزير افغانستان پاران دهشتگرد گروهن خاص طور تي ٽي ٽي پي جي خلاف ٺوس ڪارروائي تي زور ڏنو. هن ان مقصد جي لاءِ عبوري افغان حڪومت سان تعاون جي لاءِ پاڪستان جي راضپي جو پڻ اظهار ڪيو ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ذريعي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ مسئلن جي حل لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ صنعت ۽ واپار واري وقتي افغان وزير واپار بابت پهرين پاڪستان – افغانستان – ازبڪستان ٽه ڌريي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ هلندڙ هفتي جي شروع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو