اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ، سياحت جي فروغ، ڪلچرل ايڪسچينج پروگرام سميت 14 معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري تفصيل موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي موجودگي ۾ وزيراعظم هائوس ۾ انهن معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. انهن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري وز??رت ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي معاملن واري وز??رت جي وچ ۾ قونصلر افيئرز تي مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان جي نجڪاري واري وز??رت ۽ آذربائيجان جي اڪانومي واري وز??رت جي وچ ۾ رياستي ادارن جي نجڪاري جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان حڪومت ۽ آذربائيجان حڪومت جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ، ترجيحي واپاري معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. آذربائيجان جي انصاف واري وز??رت ۽ پاڪستان جي قانون ۽ انصاف واري وز??رت جي وچ ۾ تعاون جي معاهدي، پاڪستان حڪومت ۽ آذربائيجان حڪومت جي وچ ۾ معدني وسيلن ۽ جيالوجي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪلچرل ايڪسچينج پروگرام سال 29 – 2024ع تي صحيحون ڪيون ويون. ان کانسواءِ آذربائيجان جي ڊيجيٽل ڊيولپمينٽ ۽ ٽرانسپورٽ واري وز??رت ۽ پاڪستان جي ان??ار??يشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي مواصلات واري وز??رت جي وچ ۾ ان??ار??يشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون.ان کانسواءِ آذربائيجان ٽيليويزن ۽ ريڊيو براڊ ڪاسٽنگ ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن ۽ پاڪستان حڪومت ۽ آذربائيجان حڪومت جي وچ ۾ سائينٽفڪ ۽ ٽيڪنالوجيڪل ڪوآپريشن جي لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن جي موجودگي ۾ پاڪستان حڪومت ۽ آذربائيجان حڪومت جي وچ ۾ سياحت جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ معاهدي، اسلام آباد ۽ باڪو کي سسٽر سٽيز قرار ڏيڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. سمال ۽ ميڊيم بزنس ڊيولپمينٽ ايجنسي آذربائيجان ۽ سميڊا پاڪستان جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ادب جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ نظامي گنجوي انسٽيٽيوٽ آف لٽريچر آذربائيجان نيشنل اڪيڊمي آف سائنسز ۽ پاڪستان اڪيڊمي ادبيات جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون.
پاڪستان ۽ آذربائيجان ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ، سياحت جي فروغ، ڪلچرل ايڪسچينج پروگرام سميت 14 معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج