اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ضلعي جي سرحدي علائقي ۾ خوارجي دهشتگردن جي خ??اف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي ۾ 5 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج جا بهادر جوان سدائين ملڪ جي حفاظت جي لاءِ شيهي جي ديوار بڻجي بيٺل آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جا بهادر جوان سدائين ملڪ جي حفاظت جي لاءِ شيهي جي ديوار بڻجي بيٺل آهن، دهشتگردي جي خ??اف جنگ ۾ پاڪستاني قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم خوارجي دهشتگردن سان بهادري سان مق??بلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي جوانن نا??يڪ عنايت خان، لانس نا??يڪ عمر حيات ۽ سپاهي وقار خان کي خراج عقيدت پيش ڪندي ا??هن جي درجن جي بلندي ۽ شهيدن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر