اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آ??ي ته ملڪي معاشي ترقي ۽ ادارن کي جدت سان روشناس ڪرا??ڻ ۾ سي او اوز ۽ سفارتڪار?? جو وڏو هٿ آهي، اڄ اسان معاشي چئلينجن کي مُنهن ڏئي رهيا آهيون، پاڪستان کي ترقي جي راهه تي ٻيهر گامزن ڪرڻ لاءِ عدم استحڪام، معاشي بحالي ۽ اسٽريٽجڪ ويزن جي ضرورت آهي. اهڙن خيال?? جو اظاهر هن ڪالهه هتي ”پاڪستان جي 100 ڪاميابي ترين سي او اوز ۽ سفارتڪار“ جي موضوع تي ٻَڌل ڪتاب جي مهورت واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. احسن اقبال چيو ته اڄ مان هڪ اهڙي ذهنن آڏو آ??يان جيڪي پاڪستان جي مستقبل جي جوڙجڪ ڪرڻ وارن انتهائي بااثر ذهنن کي گڏ ڪري ٿو. ملڪ ۽ معاشي ترقي ۽ ان جي ا??ارن کي جدت سان روشناس ڪرا??ڻ ۾ انهن ماڻه?? جو وڏو هٿ آهي. هي قوم جا اهي معمار آهن جيڪي ا??ان جي قوم کي اڳتي وڌا??ڻ ۾ قيادت، پيداواريت، جدت ۽ معياريت جي علامت آهن. هن چيو ته مان اعجاز نثار ۽ سندس ٽيم جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اڳواڻن کي گڏ ڪرڻ تي دل سان شڪريو ادا ڪريان ٿو، اوها?? جو اهو عزم اسان جي معاشي ا??تحڪام ۽ اسان جي قوم جي روشن مستقبل جي دليل آهي. احسن اقبال چيو ته آزادي جي 77 سالن کان پوءِ به پاڪستان هڪ نازڪ دؤر مان گذري رهيو آ??ي، اڄ اسان معاشي چئلينجن کي مُنهن ڏئي رهيا آهيون، قدرت اسان کي ڀرپور قدرتي وسيلن، وسيع زرعي ايراضي، معدني ذخيرن ۽ هڪ نوجوان متحرڪ افرادي قوت سان نوازيو آ??ي. هن چيو ته عدم استحڪام ۽ اسان جي سوچ جي جمود سبب خوشحاليءَ طرف اسا?? جو سفر رڪاوٽن سبب ٻه چار آهي. پاڪستان کي ترقي جي راهه تي ٻيهر گامزن ڪرڻ لاءِ عدم استحڪام، معاشي بحالي ۽ اسٽريٽجڪ ويزن جي ضرورت آهي، اسان ماضيءَ ۾ ترقيءَ جا بيشمار موقعا وڃايا، ماضيءَ ۾ ترقيءَ جي موقعن اسان جا دروازا کٽڪايا پر اسان فائدو کڻڻ ۾ ناڪام وياسين. ا?? جو بنيادي سبب سياسي عدم استحڪام ۽ پاليسي ۾ عدم تسلسل رهيو آ??ي. اسان جڏهن 2013ع ۾ حڪومت ۾ آياسين اسان کي دهشتگردي، 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ۽ معاشي بحران آڏو هئا. اسان اهڙا قدم کنيا جو 2018ع تائين ملڪ ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿيو. هن چيو ته لوڊشيڊنگ ختم ٿي، ملڪ ۾ امن قائم ٿيو، اسان جي پُراڻي دوست چين 29 ارب ڊالرن جي سي پيڪ تحت سيڙپڪاري ڪئي. هر وقت سفارتڪار منهنجي آفيس ۾ ويٺل رهندا هئا اسان ڪنهن به طرح سي پيڪ ۾ صنعتي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا. سي پيڪ جهڙن منصوبن ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر اعتماد کي بحال ڪيو، پر بدقسمتيءَ سان 2018ع ۾ هڪ اهڙي حڪومت آئي جنهن پوري دنيا ۾ پاڪستاني قوم کي چور ڊڪليئر ڪيو. جيڪي منصوبا اسان شروع ڪيا انهن کي روڪيو ويو. هن چيو ته مونکي جيل ۾ رکيو ويو، سرعام چور ڦورو چيو ويو. سي پيڪ کي بند ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، سمورا سيڙپڪار ملڪ مان ڀڄي ويا. هڪ ڀيرو اسان پوءِ فائيو ايز معاشي بحاليءَ جو فريم ورڪ جو نئون روڊ بڻايو آ??ي. منصوبا بندي وزارت ڊولپمينٽ فريم ورڪ فائيو ايز تحت ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ ۽ ترقيءَ جي راهه تي ٻيهر آڻڻ جو منصوبو پيش ڪيو آ??ي، جنهن تحت روانگي واپار، ڊجيٽل ترقي، ??اح??ليات، توانائي ۽ـ مساوات کي ترجيح ڏني وئي آهي. گذريل 16 سالن دوران حڪومت مهانگائي تي قابو آڻڻ، معاشي ا??تحڪام لاءِ سخت قدم کڻڻ ۽ عالمي مالياتي ا??ار?? جو اعتماد بحال ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. معاشي ترقي لاءِ مضبوط پاليسي?? جو تسلسل ضروري آهي. ملڪ کي ٻيهر ترقيءَ جي راهه تي آڻي هڪ مضبوط معيشت ۾ تبديل ڪرڻ حڪومت جو عزم آهي. احسن اقبال چيو ته وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو آ??ي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ سڀ کان اهم عنصر اعتماد جي بحالي آهي. هن وقت حڪومت جو سڀ کان وڏو چئلينج هي ملڪ کي ا??تحڪام طرف وٺي وڃڻ آهي جنهن ۾ نجي ا??ارا ۽ سول سوسائٽي پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
ملڪي معاشي ترقي ۽ ادارن کي جدت سان روشناس ڪرائڻ ۾ سي او اوز ۽ سفارتڪارن جو وڏو هٿ آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر