اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ منگوليا کي واپار، ??يڙپڪاري، عوام سان عوام ۽ مواصلاتي رابطن کي خصوصي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ گڏيل طور تي لاڀائتي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن ج?? اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آيل منگوليا جي وزير??عظ?? اويون اردين لويسناهي ملاقات ڪئي. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف منگوليا جي وزير??عظ?? جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ چيو ته سندس دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل احترام، خيرسگالي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جي شروعات آهي. هن منگوليا جو ٻيهر وزير??عظ?? چونڊجڻ تي کيس مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ??رڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزير??عظ?? تجويز پيش ڪئي ته ٻنهي ملڪن کي واپار، ??يڙپڪاري، عوامي ۽ مواصلاتي رابطن تي خصوصي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ گڏيل طور تي لاڀائتي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت آهي. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف منگوليا جي سول سرونٽس کي پاڪستان جي تربيتي ادارن ۾ تربيت جي آڇ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ 2025ع کي پاڪستان منگوليا دوستي جو سال قرار ڏيڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي. منگوليا جي وزير??عظ?? شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن ج?? اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي وزير??عظ?? محمد شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني ۽ ايس سي او، سي ايڇ جي چيئر جي طور پاڪستان جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل ڪوششن ۽ ت??اون جي ذريعي مضبوط ۽ ويجها ٻطرفا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپار، ??ياحت، زراعت ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ گڏيل وزارتي ڪميشن ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ عالمي پارلياماني يونين قائم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ملاقات جي موقعي تي منگوليا جي وزير??عظ?? اويون اردين لويسناهي وزير??عظ?? هائوس ۾ ٻوٽو پڻ هنيو.
پاڪستان ۽ منگوليا کي لاڀائتي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : sorteios quina