اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي( اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ بين المذاهب هم آهنگي جي قدمن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سمورن پيشيواراڻي معاملن ۾ مسيحي برادري پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ان قربانين جا لازوال دا??تا?? لکيا آهن. ڪرسم?? جي موقعي تي منعقد خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير مسيحي ڀائرن کي ڪرسم?? جي خوشين جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته جنهن تڪ مان آئون اليڪشن وڙهيس اتي 70 هزار مسيحي ڀينرن ڀائرن جي نمائندگي ڪريان ٿو، چونڊ مهم دوران پنهنجي تڪ جي مسيحي برادري کان بي پناهه پيار ۽ محبت ملي. هن چيو ته مسيحي برادري وزيراعظم جي ترقي جي ويزن کي اڳتي وڌائي رهي آهي، اهڙي طرح مسيحي برادري تحريڪ پاڪ??تا?? ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته مسيحي برادري اسان جي قومي جهنڊي جي اندر اڇي رنگ جي لاج قربانين ۽ اڻٿڪ خدمتن جي شڪل ۾ رکي، اسان جي انهي قومي جهنڊي ۾ هارون وليم جو جسد خاڪي پڻ ويڙهيو ويو، اه?? قربانين لازوال آهن، ??نهن قربانين جا دا??تا?? جيڪي مسيحي برادري پاڪ??تا?? قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين لکيا آهن خراج تحسين جي لائق آهن. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف کي خصوصي طور تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ته هن بطور پنجاب جي وڏي وزير پڻ مسيحي برادري جي لاءِ ايدمنسٽريٽو ۽ گورننس جا قدم کنيا، ميرٽ تي هوشيار شاگردن کي 5 سيڪڙو نوڪرين جي ڪوٽا ڏني، مسيحي شاگردن کي به ميرٽ تي ليپ ٽاپ ۽ اسڪالرشپس ڏنيون، ??سان جي نوجوان نسل کي ان قابل ڪيو ته اه?? بطور ذميوار شهري پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته 2022ع ۾ اقليتن جي تحفظ جي لاءِ ٽاسڪ فورس ٺاهي وئي هئي جنهن تي تمام گهڻي تيزي سان ڪم اڳتي وڌيو ۽ اڄ به جاري آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بين المذاهب هم آهنگي جي حوالي سان پاڪ??تا?? حڪومت محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ جيڪي قدم کنيا انهن کي وڌيڪ فعال ڪريون ۽ انهن کي اڳتي کڻي وڌون ته جيئن هر پاڪ??تا??ي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪري سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مسيحي برادري راندين جي شعبي ۾ پڻ نمايا?? مقام حاصل ڪيو، ٽن مسيحي ڀينرن سهيل سسٽرز پاڪ??تا?? جي نمائندگي ڪندي 22 ميڊلز کٽيا، اها تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي، وزيراعظم انهن کي خصوصي طور تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. هن چيو ته برگيڊيئر هيلن ميري رابرٽس پهرين عورت آهي جيڪا پاڪ??تا?? آرمي ۾ برگيڊيئر جي رينڪ تي پروموٽ ٿي، اه?? ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سمورن پيشيواراڻي معاملن ۾ مسيحي برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته دعا آهي ته اسان سڀ گڏجي پاڪ??تا?? جي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون.
بين المذاهب هم آهنگي جي قدمن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي، سمورن پيشيواراڻي معاملن ۾ مسيحي برادري پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ان قربانين جا لازوال داستان لکيا آهن: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار