جنيوا-14 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان پنهنجي ايراني هم منصب حسين امير ??بد??لهيان سان ملاقات ڪئي ۽ غزه ۽ ان جي ڀرپاسي تي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. العربيه اردو موجب ٻنهي اڳواڻن انساني حقن جي عالمي منشور کي اختيار ڪرڻ جي 75 هين سالگرهه جي تقريب جي موقعي تي ملاقات ڪئي ۽ غزه ۾ جنگ بندي ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ عالمي برادري جي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت ۽ اهميت تي ڳالهه ٻولهه ڪ??ي. ??نهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن تعاون کي هٿي ڏيڻ جي طريقن جو به جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس ۾ جنيوا ۾ گڏيل قومن ۾ سعودي عرب جي مستقل نمائندي ??بد??لحسن بن خثيله ۽ پرڏيهي وزارت جي آفيس جي ڊائريڪٽر جنرل ??بد??لرحمان الداد به شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو