واشنگٽن -17 اپريل (اي پي پي) آمريڪا جي قومي سلامتي واري مشير جيڪ سليوان اعلان ڪيو ته آمريڪا ايران خلاف وڌيڪ پابنديون لڳائيندو. ميڊيا مطابق بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ايندڙ ڏينهن ۾ آمريڪا ايران تي نيون پابنديون لڳائيندو، جنهن ۾ سندس ميزائيل ۽ ڊرون پروگرام سان گڏوگڏ اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (آءِ آر سي جي) ۽ ايران جي دف??ع واري وزارت جي حمايت ڪندڙ ادارن ??لاف نيون پابنديون پڻ شامل آهن. بيان مطابق آمريڪي صدر جوبائيڊن، آمريڪا جي اتحادين ۽ شراڪتدارن ۽ آمريڪي ڪانگريس جي ٻنهي ايوانن جي اڳواڻن سان ملي اسرائيل تي ايراني حملي جو ??امع رد عمل تيار ڪري رهيو آهي. جيڪ سليوان چيو ته آمريڪا اميد ڪري ٿو ته اتحادي ڀائيوار جلد ئي ايران خلاف واڌو پابندين تي به عملدرآمد ڪندا.
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria