گڏيل قومون -01 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش اسرائيلي جيلن ۾ قيد هزارين فلسط??ني شهرين سان غير انساني سلوڪ اختيار ڪرڻ جي حوالي سان گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي رپورٽ کي انتهائي خوفناڪ قرار ڏيندي ان تي سخت صدمي جو اظهار ڪيو ??هي. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ??هي ته اسرائيل طرفان گذريل سال آڪٽوبر بعد مردن، عورتن، ٻارڙن، ڊاڪٽرن، صحافين ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ فلسطينين جي وڏي انگ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو ??هي ۽ انهن مان اڪثريت کي بنان ڪنهن الزام يا داخل ڪيسن جي حراست ۾ رکيو ويو ??هي. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر (او ايڇ سي ايڇ آر) جي آفيس جي رپورٽ مطابق فلسط??ني قيدين سان بدسلوڪي، تشدد ۽ غير انساني سلوڪ اختيار ڪندي کين انتهائي افسوسناڪ ح??لت ۾ رکيو ويو ??هي. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر پنهنجي رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي چيو ??هي ته سندس آفيس ۽ ٻين ادارن طرفان گڏ ڪيل شاهديون فلسط??ني قيدين سان اسرائيلي اهلڪارن جي خوفناڪ سلوڪ جن ۾ واٽر بورڊنگ ( پاڻي ۾ ٻوڙڻ) ۽ مٿن ڪتا بڇڻ جهڙين ٻين ڪاررواين جي نشاندهي ڪن ٿيون جيڪي انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سڌي ڀڃڪڙي آهن. رپورٽ مطابق 07 آڪٽوبر 2023ع کان هاڻي تائين گهٽ ۾ گهٽ 53 فلسط??ني قيدي اسرائيلي فوجي جيلن ۽ ٻين هنڌن تي مارجي چڪا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ??هي ته غزه ۾ اسرائيلي حراست هيٺ قيدين ۾ فلسط??ني پناهگيرن کي امداد پهچائيندڙ گڏيل قومن جي ??يج??سي ( يو ??ين آر ڊبليو ??ي) جو عملو به شامل آهي. جن کي فلسط??ني شهرين کي اسڪولن، اسپتالن، ۽ رهائشي عمارتن ۾ پناهه ڏيندي حراست ۾ ورتو ويو ??هي. فلسط??ني قيدين کي قيد دوران کاڌي ۽ پاڻي کان محروم رکيو وڃي ٿو ۽ کين ننڊ به نه ٿي ڪرڻ ڏني وڃي ۽ بجلي جا ڪرنٽ به ڏنا وڃن ٿا. بدترين ڳالهه اها آهي ته ڪجهه قيدي عورتن ۽ مردن کي جنسي تشدد جو پڻ نشانو بڻايو وڃي ٿو.
اسرائيلي جيلن ۾ قيد هزارين فلسطيني شهرين سان غير انساني سلوڪ جي حوالي سان گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي رپورٽ جاري، سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش پاران صدمي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر