اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) وزيراعظم ايڪسپورٽ پئڪيج ۾ ٽي سال توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. ڪميٽي پلانٽ پروٽيڪشن کاتي (ڊي پي پي) ۾ محدود انساني وسيلن ۽ صلاحيت جي استحڪام جي ڏس ۾ ايس آر ا?? 2017ع (1) 1067 تي عملدرآمد بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس ۾ ڊي پي پي پاران ملڪ جي ٻين بندرگاهن تي هينڊلنگ جي ڪم جي نگراني جي لاءِ ضروري فني صلاحيت سان گهربل انساني وسيلن ۾ اضافي تائين رڳو ڪراچي بندرگاهه، زميني سرحد پوسٽ ايٽ سوسٽ، چ??ن، طورخم، تفتان، واگهه، پشاور ۽ ڪوئيٽا مان ايس آر ا?? 2017 (1) 1067 تحت لسٽيڊ مختلف کاڌي پيتي جي شين جي درآم?? جو فيصلو ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات