اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عاشور جو ڏهاڙو اسان ??ي ڪربلا جي شهيدن جي ان عظيم قرباني جي ياد ڏياري ٿو جيڪا هنن حق جي سربلندي ۽ دين محمدي صه جي بقاءَ لاءِ ڪربلا جي ميدان ۾ ڏني. امام حسين رضه جي شهادت جو هي عظيم واقعو هر سال مسلمانن کي ان ??الهه جي ياد ڏياري ٿو ته ڏاڍ ۽ ظالم طاقتن جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ ضرورت جي وقت زندگي جو نذرانو پيش ڪرڻ کان به نه ڪيٻائڻ گهرجي. هي اهو ڏينهن آهي جڏهن حق ۽ باطل جي جنگ ۾ پاڻ نواسه رسول صه پنهنجي ۽ خانواده رسول صه جي جانين جي عظيم قرباني ڏني ۽ پنهنجي شهادت سان ??ربلا سانحي جي سبق کي دنيا جي انسانيت جي لاءِ بالعموم ۽ اسلامي دنيا جي لاءِ خاص طور مشعل راهه بڻائي ??ڏيو. عاشور جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته ڪربلا واقعو اسان ??ي اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ ايثار ۽ قرباني جو درس ڏي ٿو. اعليٰ مقصد ۽ استقامت حق جو حصول ئي اهو نصب العين آهي جنهن جي لاءِ ڪنهن به قسم جي قرباني کان ??يٻائڻ نه گهرجي.
صدر ممنون حسين پاران عاشور واري ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام
مضمون کا ماخذ : ریل رش