اسلام آباد – 31 آگسٽ (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي غذائ?? پيداوار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غذائي تحفظ ??ار?? وفاقي وزير سيد فخر امام سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي چانور، ڪمند، مڪئي ۽ ڪپهه سميت خريف جي فصلن ج?? پيداوار ۾ متوقع اضافي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو ۽ کيس لائيو اسٽاڪ ۽ ماهيگيري جي شعبي ۾ وزارت پاران آندل سڌارن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته لائيو اسٽاڪ جي جديد طريقي سان افزائش نسل، خوراڪ جي فراهمي ۽ صحت جي سهولتن ۾ بهتري آندي پئي وڃي، پيداوار ۾ ??ڌي?? اضافي جي لاءِ تحقيقي ادارن ۾ سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي غذائ?? پيداوار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، زرعي شعبي ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ حڪومت ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پلان لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائي رهي آهي.
پاڪستان کي غذائي پيداوار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری