اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته دنيا ۾ مهانگائي جا اڳواڻا رڪارڊ ٽٽي چڪا آهن، حڪومت ڪوشش ڪري ر??ي آهي ته عالمي سطح تي مهانگائي جي لهر جو عوام تي گهٽ کان گهٽ اثر ٿئي، پنجاب ۾ ذخيرو اندوزن ۽ ٻي مافياز جي خلاف ڪارروايون سڀني جي سامهون آهن، سنڌ حڪومت هٿ تي هٿ رکي ويـٺل آهي ۽ عوام کي مافياز جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، اڳوڻي دور ۾ مريم صفدر پنهنجا ڪرتوت لڪائڻ لاءِ ميڊيا سيل ڪنٽرول ڪندي ر??ي آهي، اسان ج?? حڪمت ۾ ميڊيا آزاد آهي. اهڙن خيالن ج?? اظهار مملڪ??ي وزير، وزيراعظم جو نوجوانن بابت خاص مددگار عثمان ڊار سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. فرخ حبيب چيو ته سنڌ حڪومت مافياز جي ذريعي سان عوام جو استحصال ڪري ر??ي آهي، پنجاب ۾ 20 ڪلو اٽو 1100 جڏهن ته سنڌ ۾ 1500 روپين ۾ وڪرو ٿي ر??يو آهي، مملڪ??ي وزير چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي مافياز جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ يوريا ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ڪئي پئي وڃي، اربين روپين ج?? ڪڻڪ چوري ڪئي وئي ۽ سنڌ حڪومت معاملو ڪوئن ??ي وجهي ڇڏيو. فرخ حبيب چيو ته اڳوڻي دور ۾ مريم صفدر پنهنجا ڪرتوت لڪائڻ لاءِ ميڊيا سال ڪنٽرول ڪندي ر??ي آهي تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ ميڊيا کي آزادي حاصل آهي. هن چيو ته ميڊيا اسان تي تنقيد ڪندي آهي پر ??ڏه?? اشتهار بند ناهن ڪيا، مملڪ??ي وزير چيو ته سنڌ ۾ تقريبن سڀ ترقياتي ڪم وفاق پاران ڪيا پيا وڃن، وزيراعظم عمران خان سنڌ جي عوام جي معاشي ترقي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي ر??ي آهي، هن چيو ته ماضي ۾ آبادگارن کي ڪيترن ئي مهين?? تائين ڪمند جا پئسا نه ملندا هئا، هاڻي 15 ڏينهن ۾ ادائيگي ٿي ر??ي آهي. وزيراعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار ان موقعي تي ڳالهائيندي ڪامياب جوان پروگرام جي مختلف منصوبن تي ر??شني وڌي ۽ چيو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت 50 هزار کان وڌيڪ نوجوانن کي قرض فراهم ڪيا ويا آهن. عثمان ڊار چيو ته قرضن ج?? فراهمي ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آهي.
دنيا ۾ مهانگائي جا اڳواڻا رڪارڊ ٽٽي چڪا آهن: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس