اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سيڙپڪاري بو??ڊ جو دورو ڪيو، سيڙپڪاري بو??ڊ آمد تي مملڪتي وزير ۽ سيڙپڪاري بو??ڊ جي چيئرمين محمد اظفر احسن ۽ سيڙپڪاري بو??ڊ جي سيڪريٽري فا??ين?? مظهر اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير جو استقبال ڪيو، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير کي سيڙپڪاري بو??ڊ جي ڪارڪردگي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ سيڙپڪاري بو??ڊ پاران متعارف ڪرايل سڌارن کان آگاهه ڪيو ويو، ان موقعي تي سيڙپڪاري بو??ڊ پاران ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي، چوڌري فواد حسين سيڙپڪاري بو??ڊ جي ڪارڪردگي کي ساراهندي چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سيڙپڪاري بو??ڊ سان ڀرپور تعاون ڪندي.
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا