اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي فنانشل ايڪسپرٽ ۽ چارٽرڊ اڪائونٽنٽس مسلم ??يگ (ن)، پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي جنهن ۾ وڏا انڪشاف سامهون آيا آهن، فارن فنڊنگ جي حوالي سان پي ٽي آءِ، (ن) ليگ، پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جا ڪيسز هڪ جهڙا ۽ اسڪروٽني ڪميٽي به هڪ آهي، تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي اسان جي گذارش آهي ته انهن سمورين پارٽين جي ڪيسز کي گڏ ٻڌي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زي?? اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 3، 4، 9 کي آرٽيڪل 25 سان گڏائي پڙهو ته اهو به رويي ۾ بنا فرق جي حق ڏي ٿو. فرخ حبيب چيو ته (ن) ??يگ جا 9 ڳجها اڪائونٽس سامهون آيا آهن، پيپلزپارٽي 2013ع ۾ 9 اڪائونٽس، 2014ع ۾ 11 اڪائونٽس ۽ 2015ع ۾ 10 اڪائونٽس اليڪشن ڪميشن کان ڳجها رکيا. هن چيو ته (ن) ??يگ ۽ پيپلزپارٽي ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڊونيشن جون رسيدون، چيڪ، پي آرڊر سميت ڪنهن به قسم جو رڪارڊ ڏيکارڻ کان قاصر رهيون. مملڪتي ??زي?? چيو ته ڪنهن چندو يا ڪنهن امداد ڏني، اهم رقم جو رڪارڊ نه آهي، ٻنهي پارٽين وٽ مني لان??رن??، جعلي اڪائونٽس ۽ ٽي ٽيز وانگر ان معاملي ۾ به ڪو رڪارڊ نه آهي. هن چيو ته (ن) ??يگ 62 ڪروڙ مان 98 سيڪڙو رقم جو ڪو رڪارڊ ئي پيش نه ڪري سگهي، ڀون داس 3 ڪروڙ ۽ حنيف خان ساڍا 4 ڪر??ڙ رپيا جمع ڪرايا. مملڪتي ??زي?? چيو ته اليڪشن جي لاءِ پارٽي ٽڪيٽ جي مد ۾ ساڍا 16 ڪروڙ جو رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو. فرخ حبيب چيو ته مسلم ??يگ (ن) کي 2013ع کان 2015ع ٽن سالن ۾ 46 ڪروڙ جا عطيا آيا، هڪ ڪروڙ 65 لک جي خرچن جو ڪو حساب نه ڏنو ويو. مملڪتي ??زي?? چيو ته پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي هڪ ٻئي کي رقم منتقل ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي، 10 ڪر??ڙ رپين جي لڳ ڀڳ پيپلزپارٽي پارليامينٽرين پيپلزپارٽي کي ضابطن جي خلاف ڏنا جڏهن ته پيپلزپارٽي جو 35 ڪروڙ عطين جو رڪارڊ ئي نه آهي.
مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ۾ وڏا انڪشاف سامهون آيا آهن: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria