اسلام آباد – 25 – ??ار?? (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) سميت مخالف ڌر جي پارٽين تي زور ڏنو آهي ته هو ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ پيش ڪيل آئيني ترميمي بل جي حمايت ڪن، صوبي جي قيام لاءِ ??سا?? ٻين پارٽين وانگر لڙڪ ناهن هاريا، عملي قدم کڻي ڏيکاريا آهن، وزيراعظم جي خلاف مخالف ڌر جي بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪي??، شاهه محمود قريشي چيو ته هن وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي آئيني ترميمي بل کي پيش ڪيو آهي، وزيراعظم ان بل جو جائزو وٺي ان جي منظوري ڏني جنهن کانپوءِ سرڪيوليشن جي ذريعي ڪابينا ميمبرن کان ان جي منظوري ??رت?? وئي، ڏکڻ پنجاب صوبي جو قيام پاڪستان تحريڪ انصاف جي چونڊ منشور جو حصو آهي، هن چيو ته 28 ??ار?? تي قومي اسيمبلي جي ايجنڊا تي ڏکڻ پنجاب صوبي جو آئيني ترميمي بل آندو پيو وڃي اهو ڏکڻ پنجاب جي ٽي چار ڪروڙ ماڻهن لاءِ خوش آئنده اڳڀرائي آهي، موجوده حڪومت ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ قاعدا ۽ ضابطا جوڙيا آه??، ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ بڻايو ۽ ان لاءِ فنڊز مختص ڪيا، ملتان ۽ بهاولپور ۾ سيڪريٽريٽس ۾ مختلف آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اڄ ??سا?? ڏکڻ پنجاب جي عوام سان ڪيل هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن سميت مخالف ڌر جي پارٽين تي زور ڏنو آهي ته هو ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ پيش ڪيل آئيني ترميمي بل جي حمايت ڪن. يوسف رضا گيلاني کي جيڪڏهن صوبو گهرجي ته هو ??سا?? جي بل کي ووٽ ڏي، جيڪڏهن هو مخلص آهي ته مانگر مڇ جا ڳوڙها واهڻ بدران سنجيدگي سان ان ترميم تي ??سا?? جو ساٿ ڏي. توهاڻ وزيراعظم جي حيثيت سان ڏکڻ پنجاب جي عوام کي لولي پاپ ڏنو، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف پهرين حڪومت آهي جنهن ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ سنجيده ڪوششون ڪيون آهن، هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي ته ڏکڻ پنجاب لاءِ ڌار ساليانو ترقياتي پروگرام پيش ڪيو ويو آهي، پيپلزپارٽي دعويٰ ڪري ٿي ته هو ان صوبي جي حق ۾ آهي، حڪومت ۽ ان جون اتحادي پارٽيون ان ترميم جي حق ۾ آهن، پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن ان جي حمايت ڪن، هن چيو ته اهو مقامي ماڻهن جو پراڻو مطالبو آهي ۽ ان سان وفاق وڌيڪ مضبوط ٿيندو، ڏکڻ پنجاب جي عوام کي اپيل آهي ته هو پنهنجي قومي اسيمبلي ميمبرن کي درخواست ڪن ته هو ان جي ٻارن جي مستقبل لاءِ ان جو ساٿ ڏي??، ڏکڻ پنجاب جا شهري، ع??رت??ن ۽ دانشور ان بل جي حمايت لاءِ آگاهي پيدا ڪن. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام ۾ دير ناهي ڪئي، مخالف ڌر اڳواڻ بل پڙهڻ کانسواءِ ان کي دوکو قرار ڏنو ۽ ان جي خلاف بي بنياد تنقيد ڪئي، اهو بل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ويندو، اتي هي پنهنجون تجويزون ڏئي سگهن ٿا، اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ اتفاق راءِ کانپوءِ ان کي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. ??سا?? حڪومت ۾ هجون يا نه هجون ان بل جي حمايت ڪنداسين، پهرين اهي چوندا هئا ته ووٽ کي عزت ڏيو، هاڻي انهن جو اهو نعرو آهي ته ووٽ کي نوٽ ڏيو، هڪ سوال جي جواب هن چيو ته وزيراعظم جي خلاف مخالف ڌر جي بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي. هن چيو ته ??سا?? ان جي رٿ جو جمهوري، آئيني ۽ سياسي انداز ۾ مقابلو ڪنداسين.
پ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) سميت مخالف ڌر جون پارٽيون ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ پيش ڪيل آئيني ترميمي بل جي حمايت ڪن: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب