اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته موجوده ڪابينا جنگي بنيادن تي غربت، مهانگائي، بيروزگاري ۽ مشڪلاتن جي خلاف ڪم ڪندي، اسان جي آڏو تمام وڏا وڏا چئلينجز آهن، معيشت تباهه حال، ملڪ قرضن ۾ ٻڏ?? آهي، ڪارخانا بند پي?? آهن، ٻڏل ٻيڙي کي ??ناري لڳائڻو آهي، اسا?? کي متحد ٿي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ مسئل?? کي حل ڪرڻو آهي، سياست وقت اچن تي ڪنداسين، سخت محنت سان ملڪ جون حالتون بدلائينداسين، ماضي جي غلطين مان سبق سکڻو پوندو، قوم جي پائي پائي بچائڻي آهي، زهريلي پروپئگنڊه جو حقيقتن سان جواب ينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چي?? ته وفاقي ڪابينا ۾ اتحادي پارٽين جي وزيرن جون وڏيون قربانيون ۽ جدوجهد آهي ۽ هڪ آئيني ۽ قانوني طريقي سان بي اعتمادي جي رٿ ۽ ا??تماد جي رٿ کانپوءِ هن عهدي تي فائز ٿيو آهيان. اتحادي پارٽين جي قيادت جا به ٿورا جنهن پنهنجي وزير?? کي ذميواري ڏني آهي. هن چي?? ته هي هڪ وسيع البنياد اتحاد آهي جنهن جي تعريف ۽ ان تي تنقيد به ڪئي پئي وڃي، ان ۾ ٻي راءِ نه آهي ته حڪومت شامل هر پارٽي جي پنهنجي سوچ آهي پر هي اتحاد ۽ ڪابينا ذاتي پسند ناپسند کان مٿانهون ٿي ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام جي خدمت جي لاءِ ڪم ڪندي ۽ وزير پنهنجي تجربي ۽ قابليت کي پوري طرح استعمال ۾ آڻيندا، ڏينهن رات محنت ڪري ڪاميابي حاصل ڪنداسين. وزيراعظم چي?? ته چئني صوبن جي عوام توهان مان اميدون رکيو ويٺي آهي، ان ۾ شڪ نه آهي ته خلوص ۽ نيڪ نيتي سان پاسو پلٽينداسين. وزيراعظم چي?? ته هي هڪ جنگي ڪابينا آهي، اسا?? کي غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خلاف جنگ ڪرڻي آهي ۽ هي انهن مشڪلاتن جي خلاف جنگ آهي جن تي ضابطو آڻڻ ۾ اڳوڻي حڪومت بري طرح ناڪام رهي آهي، اميد آهي ته مشاورت جو عمل مسلسل جاري رهندو، ڪابينا ۽ ٻين فورمن تي گڏجي اڳتي وڌنداسين، ڪابينا جي جوڙجڪ ۾ اٺ ڏهه ڏينهن لڳي ويا آهن، اسان جي مٿان تنقيد به ٿي آهي پر هاڻي هڪ تجربيڪار ۽ قابليت رکندڙ وزيرن تي ٻڌل ڪابينا جوڙي وئي آهي. وزيراعظم چي?? ته حڪومت آڏو وڏا چئلينجز آهن جن ۾ لوڊشيڊنگ جو چئلينج به آهي، ڪابينا کي ٻارڻ، تيل ۽ گئس نه هجڻ جي سببن ۽ لوڊشيڊنگ تي بريفنگ ڏني ويندي ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن، پوءِ ان کانپوءِ اجتماعي دانش کي استعمال ۾ آڻي قوم جي بهترين مفاد ۾ فيصلا ڪري سگهبا ته ڪهڙي طرح اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن. وزيراعظم چي?? ته خيبرپختونخواهه، سنڌ ۽ پنجاب سميت وفاق جي چئني اڪائين ۽ خاص طور تي بلوچستان جي مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ ا??ا?? کي ڏسڻو پوند?? ته اسان وٽ ڪهڙا وسيلا آهن ۽ مشڪلاتن تي ڪيئن ضابطو آڻڻو آهي ۽ ان جي لاءِ اسا?? کي پورو زور لڳائڻو پوندو. هن چي?? ته هي هڪ چئلينج به آهي ۽ موقعو به آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان جي مخلوط حڪومت آهي پر جيڪڏهن خلوص، درد دل ۽ عزم سان ڪم ڪنداسين ته پهاڙ جيڏيُون مشڪلاتُون ۽ درياءَ جيڏا مسئلا به ختم ٿي ويندا، اسان جي اندر حالت?? کي بدلائڻ ۽ بهتر پاڪستان جي لاءِ جذبو هجڻ گهرجي. هن چي?? ته اهو هاڻي توهان تي آهي ته ڪهڙي طرح گڏيل مشاورت ۽ ٻڌيءَ سان معامل?? کي حل ڪرڻو آهي، هي ملڪ جي پهرين ڪابينا آهي جيڪا جهرلو جي پيداوار حڪومت کي آئيني ۽ قانوني طريقي سان هٽائي وجود ۾ آئي آهي، ملڪ قرضن ۾ ٻڏ?? آهي، ان ٻڏل ٻيڙي کي اسا?? کي ڪناري لڳائڻو آهي، هر طرف مسئلا آهن، وسيلا پاڻ ڳولڻا آهن جيڪي تمام محدود آهن، معيشت تباهه حا?? آهي، ملڪ کي مفلوڪ الحال کان بچائڻو آهي، درجنين ڪارخانا بجلي ۽ ٻارڻ نه هجڻ جي سبب بند پي?? آهن، هي اهي مسئلا آهن ج?? کي اسا?? کي گڏجي حل ڪرڻو آهي، جڏهن وقت ايند?? ته سياست به ڪنداسين، اليڪشن ۾ سموريون پارٽيون پنهنجو منشور، سوچ ۽ پروگرام موجب عوام وٽ وينديون، اڄ اسا?? کي گڏجي چئلينجز کي منهن ڏيڻو آهي، ان جي لاءِ جيتريون به قربانيون ڏيڻيون پيون اهي گهٽ هونديون ۽ پاڻ ۾ اتحاد ۽ ا??فاق قائم رکڻو پوندو. وزيراعظم چي?? ته زهريلي پروپئگنڊه جو حقيقتن سان جواب ڏيڻو پوندو، حقيقتون ٽوڙي مروڙي ۽ غلط بياني ڪري نه، سچائي ڪوڙ کي زمين بوس ڪري ڇڏيندي. وزيراعظم چي?? ته محنت ڪري قوم جي پائي پائي بچائڻي آهي، گذريل ساڍا ٽي پوڻا سال ۾ ڪرپشن عروج تي هئي، ا?? کي ختم ڪرڻو آهي، قوم جو هر ٻار قرضن ۾ جڪڙي?? آهي، ان دردناڪ صورتحال کي سامهون رکي اسا?? کي ڪم ڪرڻو آهي، دنيا جون حالتون اسان جي سامهون آهن، جرمني کي ٻي جنگ عظيم ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو، اهڙي طرح جاپان تي ائٽم بم ڪيرائڻ سان جيڪي حالتون ٿيون اهي به اسان جي سامهون آهن پر انهن ٻنهي ملڪن جي عوام محنت ڪئي ۽ پنهنجي پنهنجي ملڪ کي پيرن تي بيهاري ڇڏيو، ترقي ۽ خوشحالي جي مقناطيسي طاقت سان اهي ٻيهر عروج تائين پهچي ويا ۽ ترقي يافته ترين قومن جي صف ۾ شامل ٿي ويا. وزيراعظم چي?? ته قرآن پاڪ ۽ نبي ڪريم ﷺ جو زندگيءَ مُبارڪ اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، قائداعظم جو مثال به اسان جي سامهون آهي ته هن ناممڪ?? کي ممڪن ڪري ڏيکاريو، سياستدانن سان گڏوگڏ اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ بيوروڪريسي سان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو اهو سڀ ڄاڻين ٿا، سرڪاري آفيسر?? کي واعده معاف گواهه بڻائڻ جي لاءِ خوفزده ڪيو ويو، پوڻي چئن سالن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ناقابل يقين آهي، ترقي يافته ملڪن ۾ اهڙي طرح جي فسطائيت، سنگدلي، ظلم ۽ بدترين انتقامي ڪاررواين جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي، سول سروس، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، ڊاڪٽرز، انجنيئر سڀني کي وڏين مشڪلات?? کي منهن ڏيڻو پيو آهي، اسا?? کي انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻي آهي ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن پاران يقين محڪم، مستقل مزاجي، حوصلا افزائي ۽ شاباس سان انه?? کي حوصلو ملندو ۽ ان سان پاڪستان جي عوام جون حالتون تبديل ٿينديون پر اهو ڪم جادو جي لٺ سان نه ٿيندو، ان جي لاءِ سخت محنت سان ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چي?? ته اسا?? کي مٽيءَ ۾ مٽي ٿيڻو پوندو، عوام جي خدمت ۾ لڳي وڃو، دنيا جي ڪا طاقت پهاڙ، سمنڊ توهان جي رستي ۾ رڪاوٽ نه بڻجندو. وزيراعظم چي?? ته اتحاد، اتفاق ۽ مشاورت سان وڏا وڏا مسئلا به حل ٿي ويندا. ڪابينا جي ميمبر?? کي مخاطب ڪندي وزيراعظم چي?? ته توها?? کي منهنجي رهنمائي ڪرڻي آهي، هي ڪرسيءَ توهان جي آهي، پنهنجي گڏيل دانش، جدوجهد ۽ ڪوششن سان ان تي ويهاريو آهي، توهان جي امانت جو امين آهيان، مو?? کي مشورا ڏيڻا آهن ڀلي اهي تلخ به هجن. وزيراعظم چي?? ته قائداعظم ۽ ان جي ساٿين رت جا درياءَ پار ڪري ۽ لکين جانين جي قرباني ڏئي پاڪستان قائم ڪيو آهي، اڄ پاڪستان جون جيڪي حالتون آهن ان سان قائداعظم جو روح به تڙپي رهيو هوند?? ته ڇا هي اهو پاڪستان آهي جنهن جي لاءِ اسان قربانيون ڏنيون هيون. وزيراعظم چي?? ته هن ڀاشا ڊيم جو دورو ڪيو آهي، جيڪڏهن اڳ ۾ ڊيم ٺهي وڃن ها ته اڄ اسا?? کي ٿرمل پاور جي ضرورت نه هجي ها، سستي بجلي ملي ها ۽ ٻوڏ کان ڇوٽڪارو حاصل ٿئي ها پر اهو معاملو تڪليف ۽ پريشاني کي سمجهڻ جو آهي ۽ پنهنجي ذهن?? کي جنجهوڙڻ جو آهي. وزيراعظم چي?? ته اسا?? کي ماضي جي غلطين مان سبق سکڻو پوندو، محنت، محنت ۽ محنت ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي، اٿو ۽ مايوس نه ٿيو، مايوسي کي محنت ۾ بدلائي ڇڏيو، الله تعاليٰ ڪرم ڪندو ۽ 75 سالن جون مشڪلاتون خوشين ۾ بدلجي وينديون، مشڪلاتون ضرور آهن پر ناممڪن ڪجهه ناهي هوندو.
موجوده ڪابينا جنگي بنيادن تي غربت، مهانگائي، بيروزگاري ۽ مشڪلاتن جي خلاف ڪم ڪندي، اسان جي آڏو تمام وڏا وڏا چئلينجز آهن: وزيراعظم شهباز شريف جو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ