انقره – 02 – جون (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شر??ف ترڪي جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وفد سميت و??ن واپس روانو ٿي ويو آهي. ايسن بوعا ايئرپورٽ تي ترڪي جي واپار واري وزير ڊاڪٽر مهمت موش وزي??اع??م محمد شهباز شر??ف ۽ پاڪستاني وفد کي الوداع ڪيو. وزي??اع??م محمد شهباز شر??ف 31 مئي کان 2 جون تائين ترڪي جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪيو، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزي??اع??م شهباز شر??ف جو ترڪي جو اهو پ??ريون دورو هو، وزي??اع??م شهباز شر??ف دوري دوران صد?? رجب طيب اردوان سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون به ٿيون، صد?? اردوان وزي??اع??م شهباز شر??ف جي مان ۾ آجياڻو به ڏنو، ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمت جي 6 يادداشتن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي گڏيل لوگو جاري ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن اها سالگرهه شاندار طريقي سان ملهائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م شهباز شر??ف سندس ۽ سندس وفد جو والهاڻو استقبال ۽ شاندار ميزباني تي ترڪ صد?? جو ٿورو ادا ڪيو. وزي??اع??م صد?? طيب اردوان کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت به ڏني، دوري دوران وزي??اع??م ترڪي جي مشهور ڪاروباري ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن سان به ملاقاتون ڪيون، وزي??اع??م پاڪستان ترڪي بزنس ڪائونسل فورم کي به خطاب ڪيو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو. وزي??اع??م جديد ترڪي جي باني مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي به حاضري ۽ گلن جي چادر چاڙهي، وزي??اع??م سان ترڪ پرڏيهي وزير، صحت واري وزير ۽ واپار واري وزير سان ملاقاتون به ڪيون.
وزيراعظم شهباز شريف ترڪي جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وفد سميت وطن واپس روانو
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria