اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪوئنڪا چيو آهي ته يورپي يونين پاڪست??ن جو هڪ وڏو ڪاروباري حصيدار آهي، وفاقي ۽ صوبائي سطح تي پارلياماني ادارن سان تعاون جاري رهندو، امي?? آهي ته پاڪستان ۾ هلندڙ سال قانون جي حڪمراني، انساني حقن ۽ ميڊيا جي آزادي سميت جمهوري عمل مڪمل ٿيندو. سينيٽ جي 50 سالا تقريبن جي ٻي ڏينهن ڪ??يٽ?? آف دي هول کي خطاب ڪندي هن چيو ته چونڊيل ماڻهو عوام جي طاقت جا عڪاس هوندا آهن. هو گڊ گورننس ۽ قانون جي حڪمراني جا ذميوار هوندا آهن، هي چونڊيل نمائندا پنهنجي عدليه جي سامهون جوابده هوندا آهن، هي اصول جتي عوام لاءِ اصول جوڙيندا آهن اتي پارليامينٽ لاءِ به اصول جوڙيندا آهن. يورپي يونين ۾ جمهوريت جي وڏو ان?? آهي، تازي يورپي يونين جون چونڊون دنيا ۾ ٻي وڏي جمهوري مشق آهي، پارليامينٽ هڪ اهڙو فورم آهي جتي قومي مسئلن کي بحث هيٺ آندو ويندو آهي، پارليامينٽ چيڪ اينڊ بلينس ذريعي حڪومتن کي جوابده رکي ٿي ۽ قانونسازي ۾ تسلسل جي ضمامت آهن. پاڪستان ۽ يورپي يونين جا 60 سالن کان لاڳاپا آهن، 2014ع کان پاڪست??ن جي ايس پي پلس مان فائدو کڻي رهيو آهي ۽80 سيڪڙو پاڪست??ن جي ايڪسپورٽ يورپي يونين ۾ مفت ايندي آهي، يورپي يونين پاڪست??ن جو هڪ وڏو ڪاروباري حصيدار آهي.
يورپي يونين پاڪستان جو هڪ وڏو ڪاروباري حصيداري آهي، پارلياماني ادارن سان تعاون جاري رهندو: سفير يورپي يونين
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج