اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاق?? وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي هنگامي بنيادن تي متحرڪ ۽ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي تبديلي ۾ سراسري اضافو ٿي رهيو آهي پر عالمي رد عمل سستي جو شڪار آهي، جنهن سبب مستقبل ۾ مشڪلاتون وڌي سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??اڪ??تان جي آئين جي گولڊن جوبلي تقريبن جي سلسلي ۾ ٽئين سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان سيشن ۾ موسمياتي تبديلين جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاق?? وزير سينيٽر شيري رحمان چيو ته تازي ٻوڏ ??اڪ??تان جي تاريخ جو نقشو بدلائي ڇڏيو، گذريل ڪجهه سالن کان ??اڪ??تان موسمياتي تبديلين جي زد ۾ رهيو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي ??اڪ??تان جو گرمي پد مسلسل ٽن سالن کان شدت اختيار ڪندو رهيو، هن چيو ته ??اڪ??تان ۾ 2022ع جي ٻوڏ ۽ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان عالمي ذميواري جي حوالي سان گهڻ رخي فريم ورڪ جي حوالي سان به اجلاس ٿيو آهي، وفاق?? وزير چيو ته ??اڪ??تان 2022ع ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ ڏٺي. ??اڪ??تان جو چوٿون حصو ٻڏي ويو، ٽي ڪرڙ 30 لک ماڻهو سڌا سنوان متاثر ٿيا ۽ ??اڪ??تان کي اربين ڊالرن جو انفرااسٽرڪچر تباهه ٿيو. هن چيو ته دنيا تيزي سان موسمياتي تبديلين جي وڌندڙ خطرن سان گڏ روايتي طريقن سان مقابلو نٿي ڪري سگهي، اسان کي گهرجي ته عالمي ادارا ۽ ملڪ گڏجي ان معاملي تي سنجيدگي سان قدم کڻن. هن چيو ته ??اڪ??تان ”ڪاپ 27“ ۾ عالمي برادري کي اهو باور ڪرايو ته موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي سطح جو فنڊ قائم ڪرڻ ضروري آهي جنهن تحت ”لاس اينڊ ڊيميج“ فنڊ قائم ڪيو ويو جيڪو غريب ملڪن کي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مالي مدد فراهم ڪندو جنهن ڪري ان کي فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي پارلياماني سيڪريٽري ناز بلوچ ، نيشنل ٽاسڪ فورس ايس ڊي جيز ، ايم اين اي رومينه خورشيد عالم، برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر عمران حسين، اومان جي رياستي ڪائونسل جي ڊپٽي اسپيڪر شيخ ڊاڪٽر الخطاب بن غالب بن ع??ي الهنائي ۽ ٻين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ متاثر ملڪن کي هڪٻئي جي مدد ڪرڻي پوندي، ماحولياتي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اومان جي حڪو??ت سرگرم آهي، ??اڪ??تان سميت سڄي دنيا موسمياتي تبديلي جي خطرن کي منهن ڏئي رهي آهي، اومان ۾ شمسي توانائي جا 3 وڏا منصوبا لڳايا ويا آهن جنهن سان ماحول دوستي بجلي پيدا ٿي رهي آهي ان موقعي تي شيخ ڊاڪٽر الخطاب بن غالب بن ع??ي الهنائي وڌيڪ چيو ته ??اڪ??تان جا مسئلا اومان کان مختلف آهن جنهن لاءِ ڌار قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. سيشن کي پاڪ شام پارلياماني فرينڊشپ ڪميٽي جي چيئرمين منطاهر ابراهيم ۽ ماحولياتي تبديلي بابت سرگرم ميمبر زينب وحيد پڻ خطاب ڪيو ۽ موسمياتي تبديلي سبب پيدا ٿيل چئلينجن بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، سيشن ۾ ڀائراڻي ملڪن جي سفارتي نمائند، يونيورسٽين ۽ مدرسن جي شاگردن پڻ شرڪت ڪئي.
موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي هنگامي بنيادن تي متحرڪ ۽ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي: وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی