ڪراچي-13 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلز ??ار??ي عورت ونگ جي مرڪزي صدر ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر فريال ٽالپر چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام جي گڏيل ڪوششون آفت کان بچڻ جون حڪمت عملي آهن، قدرتي آفت جي نقصان کان بچڻ لاءِ عوام پي ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري بيان مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي عوام جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. فريال ٽالپر چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي، ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي سامونڊي علائقن مان محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري رهي آهي. طوفان بائپر جوائ?? جي خطري سبب ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ سميت ٻين ضلعن ۾ به حفاظتي قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته پ پ جي تنظيمي عهديدارن ۽ ڪارڪنن پنهنجي ??ار??ي چيئرمين جي هدايت جي روشنيءَ ۾ انتظاميه طرفان جاري سرگرمين ۾ ماضيءَ وانگر پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ڄاڻايل ضلعن سان تعلق رکندڙ پ پ جا ميمب?? به پنهنجن حلقن جي عوام ۽ انتظاميه سان هر وقت رابطي ۾ آهن.
قدرتي آفت جي نقصان کان بچڻ لاءِ عوام پي ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري: فريال ٽالپر
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن