نانجنگ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان روس جي اطلاعات واري نائب وزير بيلا چريڪسووا ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس جي ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو وي??. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي روس سان گڏيل پروڊڪشن ۽ تربيتي پروگرامز شروع ڪرڻ تي زور ڏنو. مرتضيٰ سولنگي روس جي اطلاعات واري نائب وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي. ان موقعي تي روس جي اطلاعات واري نائب وزير چيو ته روس پاڪستان سان ميڊيا کانسواءِ به زندگي جي ٻين شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي. هن چيو ته روس ۾ پاڪستاني ڊر??من کي خاص مقبوليت حاصل آهي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊر??من ۽ ٻي پروڊڪشن جي مٽاسٽا تي پڻ غور ڪيو وي??. نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي خطي جي ??من جي لاءِ روس جي خدمتن کي ساراهيو.
اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان روس جي اطلاعات واري نائب وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔