بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چين جي ??زيراعظم لي ڪي چيانگ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سياسي، اقتصادي، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافتي ۽ عو??مي رابطن کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ??هو اتفاق راءِ بيجنگ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي ??وقعي تي ٻنهي اڳ??اڻ?? جي ??لاقات ۾ ٿيو. ان موقعي تي نگران وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار موجود هئا. ٻنهي اڳ??اڻ?? مضبوط ۽ پراڻي پاڪ چين لاڳاپن جو ذڪر ڪندي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳ??اڻ?? سياسي، اقتصادي، تعليم جي شعبي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافتي ۽ عوام جي سطح تي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. نگران وزيراعظم چيني قيادت کي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) جي شاندار انعقاد تي مبارڪباد ڏني. بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جي صلاحيت جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته ??هو منصوبو مواصلاتي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي ڪري پوري دنيا جي ??اءِ اهميت رکي ٿو. ٻنهي اڳ??اڻ?? چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڏس ۾ پاڪ چين تعاون ۽ معاشي رابطن جي ??روغ جي صلاحيت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??ين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ??اڪستان جي ??عيشت جي ??اءِ اهميت جو ذڪر ڪندي چيو ته سي پيڪ پنهنجي تعمير جي ??ئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي جنهن ۾ صنعتي ترقي، روزگار جي ??راهمي جا منصوبا، معدنيات، آءِ ٽي ۽ زراعت جي ترقي شامل آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني ڪمپنين جي سيڙپڪاري سان پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ صنعتي صلاحيت وڌندي. وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاڪ چين لاڳاپن جي ??روغ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي تعميراتي ۽ ترقي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ان اميد جو پڻ اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي ??يادت جي ??م آهنگي ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ واپار ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندي. ٻئي وزيراعظم چين ۽ پاڪستان جي ??چ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي ??فاهمتي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيا. انهن شعبن ۾ ڪامرس، مواصلات (ايم ايل ون)، غذائي تحفظ ۽ تحقيق، ميڊيا مٽاسٽا، خلائي تعاون، پائيدار شهري ترقي، صنعتي تعاون، افرادي قوت جي صلاحيت ۾ اضافي، معدنيات جي ترقي، موسمياتي تبديلي ۽ ويڪسين ٺاهڻ جا شعبا شامل آهن.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاران ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil