اسلام آ??اد – 25 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گلگت ??لتستان ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گلگت ??لتستان جي موجوده صورتحال ۽ مسئلن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته گلگت ??لتستان جي پائيدار سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته گلگت ??لتستان جي سياحت ??ي شعبي ۾ترقي جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن، خطي جي عوام تعليم يافته ۽ ڀرپور صلاحيتن جي مالڪ آهي جتي خواندگي ??ي شرح هڪ خوش آئنده اشاريو آهي. صدر چيو ته گلگت ??لتستان جي قدرتي ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، مقامي زراعت ۽ پوکيءَ کي ڀرپور صلاحيت موجب ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي گلگت ??لتستان جي مسئلن بابت لاڳاپيل فورمز کي آگاهه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais