اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئلي سان هلندڙ ب??لي گهرن کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ، ب??لي جي پهچ نظام کي بهتر بڻائڻ، فعال جنڪوز جي ن??ڪاري ۽ غيرفعال جنڪوز جي نيلامي جو عمل تيز ڪرڻ ۽ ب??لي جي ويلنگ جا اگهه گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اڳتي رڳو صاف ۽ گهٽ لاڳت وارا پن بجلي ?? قابل تجديد توانائي جا پلانٽس هنيا ويندا، ب??لي جي في يونٽ قيمت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ب??لي شعبي جي حوالي سان قدمن تي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، سردار اويس احمد خان لغاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ب??لي جي اڳوڻي وزير محمد علي، قومي اسيمبلي ميمبر بلال اظهر ڪياني، راڻا احسان افضل، سلمان احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪوئلي سان هلندڙ ب??لي گهرن کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ ۽ ب??لي جي پهچ نظام کي بهتر ڪيو وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ اڳتي رڳو صاف ۽ گهٽ لاڳت پن بجلي ?? قابل تجديد جا پلانٽ هنيا ويندا. اجلاس کي ٻاهرئين سيڙپڪاري تحت 600 ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي شمسي توانائي جي ان منصوبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي حوالي سان قدمن کي تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ب??لي جي ويلنگ جي اگهن کي گهٽ ڪيو وڃي ته جيئن صنعتي صارفين کي گهٽ لاڳت تي ب??لي جي فراهمي ممڪن ٿئي، صنعتي تري ۽ روانگي واپار ۾ اض??في جي لاءِ وڏين صنعتن جي ويجهو گرڊ اسٽيشنون قائم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي، اهڙا ب??لي گهر (جنڪوز) جيڪي فعال آهن انهن جي ن??ڪاري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، اهڙا ب??لي گهر (جنڪوز) جيڪي غيرفعال ۽ ناڪاره حالت ۾ آهن انهن جي نيلامي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته ب??لي جي موجوده اض??في صلاحيت کي صنعتن ۾ بهتر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ تجويزون تيار ڪيون وڃن. وزيراعظم چيو ته عام ماڻهو جي لاءِ ب??لي جي في يونٽ قيمت ۾ گهٽتائي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، ب??لي شعبي جي گردشي قرضن ۾ گهٽتائي جي لاءِ شعبي جا ترجيحي بنيادن تي سڌارا جاري آهن. اجلاس کي ب??لي شعبي جي موجوده پيداوار ۽ پهچ نظام جي حوالي سان تفصيلن، حڪومتي قدمن ۽ تجويزن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي مستقبل ۾ ب??لي جي کپت ۽ طلب جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته درآمدي ڪوئلي سان هلندڙ منصوبن کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ سان نه رڳو قيمتي پرڏيهي ن??ڻو بچائي ??گه??و پر في صارفين جي لاءِ في يونٽ قيمت ۾ 2 رپيا گهٽتائي ممڪن ٿيندي. وزيراعظم سمورن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم پاران ڪوئلي سان هلندڙ بجلي گهرن کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ، بجلي جي پهچ نظام کي بهتر بڻائڻ، فعال جنڪوز جي نجڪاري ۽ غيرفعال جنڪوز جي نيلامي جو عمل تيز ڪرڻ ۽ بجلي جي ويلنگ جا اگهه گهٽ ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن