اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوانن کي جديد تعليم ۽ فني تربيت ڏيڻ حڪومت جي ??ولين ترجيح آهي، ڪامن ويلٿ آرٽي فيشل انٽيليجنس ڪنسورشيم ۾ شموليت سان پاڪستان جي نوجوانن کي تربيت جا موقعا ملندا ۽ اهي جديد عالمي ايجادن مان فائدو کڻي سگهندا. هن ا??ڙن خيالن جو اظهار دولت مشترڪه ??ي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي قيادت ۾ 5 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سيڪريٽري جنرل اسڪاٽ لينڊ جي پاڪستان جي په??ين سرڪاري دوري جي ??جيان ڪئي. پاڪستان ??ي سماجي، اقتصادي ۽ جمهوري ادارن جي لاءِ دولت مشترڪه جي مسلسل حمايت کي ساراهيندي وزيراعظم گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص طور تي نوجوانن کي بااختيار بڻائن، بهتر گورننس ۽ موسمياتي تبديلي تي دولت مشترڪه سان تعاون جي ??ڪومت جي ??واهش جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته 30 سالن کان گهٽ عمر جا نوجوان جيڪي پاڪستان جي ??بادي جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو آهن انهن کي جديد تعليم ۽ فني تربيت فراهم ڪرڻ حڪومت جي ??ولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام پاران کنيل مختلف قدمن تي روشني وڌي ۽ موجوده دور جي هاءِ ٽيڪ عالمي معيشت تائين پاڪستاني نوجوانن جي پهچ ۽ ان شعبي ۾ ترقي جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ دولت مشترڪه سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ??ڪومت جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو. سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۽ ان پروگرام ??ي سڌوسنئون نگراني وزيراعظم جي ??اتي دلچسپي ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي قدمن جي ??زم جي ??ڪاسي آهي. سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۽ سڌوسنئون اڳڀرائي ڄاڻڻ جي لاءِ پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ ڪامن ويلٿ جي پرفارمنس مئنيجمينٽ سسٽم جي ??ڇ ڪئي. هن پاڪستان کي ڪامن ويلٿ آرٽي فيشل انٽيلي جنس ڪنسورشيم ۾ شموليت جي پڻ دعوت ڏني. وزيراعظم پاڪستان ??ي سرڪاري شعبي ۾ گورننس ۽ شفافيت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪامن ويلٿ پرفارمنس مئنيجمينٽ سسٽم جو جائزو وٺڻ جي ??واهش جو اظهار ڪيو. هن سي اي آءِ اي ۾ شموليت جي ??عوت جي پڻ آجيان ڪئي جتي پاڪستان جي نوجوانن کي تربيت جا موقعا ملندا ۽ اهي ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ جهڙي جديد عالمي ايجادن مان فائدو کڻي سگهندا ۽ پاڪستان جي پائيدار اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ بااختيار ٿيندا. وزيراعظم شهباز شريف موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ کي پاڪستان ۽ ڪامن ويلٿ جي گڏيل ترجيح قرار ڏنو. هن 2022ع جي ??باهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي موسمياتي تبديلي جي لاءِ آواز اٿارڻ ۽ پوري دنيا ۾ مصيبت ۾ ورتل پاڪستانين جو آواز پهچائڻ جي قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان باڪو ۾ ايندڙ ڪوپ – 29 جي موقعي تي پاڪستان ج??ڙن ملڪن جيڪي موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن جي ??طري ۾ ورتل آهن، جي لاءِ وڌيڪ عالمي تعاون کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪامن ويلٿ سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. سيڪريٽري جنرل اسڪاٽ لينڊ ٻوڏ کانپوءِ جي نئين سر تعمير جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم چيو ته هو هلندڙ سال جي ??خر ۾ سموا ۾ دولت مشترڪه جي ??ڪومتي سربراهن جي ????لا?? جو منتظر آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم ۽ دولت مشترڪه ??ي سيڪريٽري جنرل اهڙي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن جي ??ريعي ٻئي ڌريون گڏيل دلچسپي جي ??هم معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ڪري دولت مشترڪه جي لاءِ هڪ روڊ ميپ تيار ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل اسڪاٽ لينڊ کي تيزي سان تبديل ٿيندڙ عالمي صورتحال ۾ دولت مشترڪه جي معاملن کي ڪاميابي سان هلائڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم سندس پاڪستان ۾ ڪامياب ۽ لاڀائتي قيام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پي ايم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود ۽ خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.
ڪامن ويلٿ آرٽي فيشل انٽيليجنس ڪنسورشيم ۾ شموليت سان پاڪستان جي نوجوانن کي تربيت جا موقعا ملندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی