اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آسي??ن جي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان حڪومت ۽ عوام پاران تنظيم جي ميمبر ملڪن جي حڪومتن ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي ??ن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب جاري پيغام ۾ نائب وزيراعظم چيو ته آئون ان موقعي تي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ڪائو ڪم هورن کي سندس مثالي قيادت ۽ آ??يا?? ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ اڻٿڪ ڪوششن تي مبارڪباد ڏي?? چاهيان ٿو. هن چيو ته هي ڏينهن ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي وچ ۾ اتحاد ۽ تعاون جي پائيدار جذبي جي علامت آهي، آسي??ن جي دوستن سان گڏجي ان سنگ ميل کي ملهائڻ هڪ اعزاز جي ڳالهه آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي ايسوسيئيشن (آ??يا??) علائقائي انضمام ۽ گڏيل اڳڀرائي جي نموني طور تي بيٺل آهي جيڪو اقتصادي ترقي، سماجي هم آهنگي ۽ سفارتي مشغوليت ۾ نمايان ڪاميابين جو مظهر آهي. هن چيو ته پاڪستان ايشيا پيسفڪ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي فروغ ۾ آسي??ن جي اهم ڪردار جو احترام ڪريون ٿا. آسي??ن جو ڏينهن نه رڳو اسان کي علائقائي تعاون جي اهميت کي ياد ڏياري ٿو پر خطي جي ڀرپور ثقافتي تاريخي ورثي کي اجاگر ڪري ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته آ??يا?? سان پاڪست??ن جا لاڳاپا گڏيل احترام، عدم مداخلت ۽ تعميري مشغوليت جي اصولن جي لاءِ گڏيل عزم تي ٻڌل آهن. اسان آ??يا?? ڊائيلاگ مڪينزم ۾ هڪ فعال پارٽنر رهيا آهيون ۽ واپار، سيڙپڪاري، تعليم، ثقافت ۽ عوامي وفدن جي مٽاسٽا جهڙن شعبن ۾ پنهنجي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته آ??يا?? سان اس??ن جو تعاون آ??يا?? علائقائي فورم (اي آر ايف) ۾ اس??ن جي فعال شرڪت جي ذريعي وڌيڪ مضبوط ٿيو. پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال خطي جي ڳولا ۾ آ??يا?? سان پنهنجي حصيداري وڌائڻ جي پنهنجي خواهش جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته اچو ان موقعي کي پنهنجي گڏيل ڪاميابي تي غور ڪرڻ ۽ آسي??ن جي مشن جي رهنمائي ڪندڙ اصولن جي لاءِ پنهنجي وابستگي جي تجديد ڪريون. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان آسي??ن جي ويزن جي حمايت ۾ ثابت قدم آهي ۽ ??ن جي جاري ڪاميابين ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جا منتظر آهيون.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران آسيان جي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil