اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خاص ??دايت تي ملڪ جي 77هين يوم آزادي جي موقعي تي عزم ۽ استحڪام جي عنوان سان خاص ??پال جي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. ٽپال ٽڪيٽ تي پاڪستان جي جيولين ٿرو ۽ ارشد نديم جي تصوير لڳائي کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي. ارشد نديم پيرس اولمپڪس ۾ 92.97 ميٽر مفاصلي تي نيزو اڇلائي ??ئو?? اولمپڪ رڪارڊ قائم ڪري سون جو تمغو حاصل ڪيو ۽ نوجوان نسل لا3 هڪ مثال بڻجي ويو. ٽپال ٽڪيٽ کي عزم استحڪام جو عنوان ڏنو ويو آهي جيڪو ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام جي عزم جو چٽو ثبوت آهي. ٽپال ٽڪيٽ ۾ مينار پاڪستان جي تصوير کي شامل ڪري پاڪستان جي آزادي جي جدوجهد ۽ ان جي علامتي اهميت کي به اجاگر ڪيو ويو آهي. پاڪستان حڪومت طرفان يوم آزادي جي موقعي تي جاري ڪيل ٽپال ٽڪيٽ ايندڙ نسلن کي پاڪستان کي آزادي جي جدوجهد، قربانين ۽ پاڪستان حڪومت جي ملڪي استحڪام لاءِ جدوجهد ۽ عزم کان آگاهه ڪندو.
وزيراعظم شهباز شريف جي خاص هدايت تي ملڪ جي 77هين يوم آزادي جي موقعي تي عزم استحڪام جي عنوان سان خاص ٽپال جي ٽڪيٽ جاري
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa