اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معيشت ۽ سيڙپڪار?? جي حوالي سان ڪيترائي مثبت اشارا ۽ موقعا ملي رهيا آهن، انهن مان فائدو کڻڻ جو دارومدار اسان تي آهي، پاليسي ريٽ گهٽ ٿيڻ سا?? قرضن جي ڪاٿي ۾ به وڏي گهٽتائي ايندي، پاور سيڪٽر ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ هڪ وڏو ”ونٽر پ??ڪيج“ آندو پيو وڃي، معيشت کي ترقي ڏئي روزگار، روانگي واپار وڌائڻو آهي ۽ پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي، منهنجي دور?? جي ڏس ۾ پاڪستاني وفد سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مرڪزي بئنڪ گذريل ڏينهن پاليسي ريٽ ۾ اڍائي سيڪڙو گهٽتائي ڪئي آهي، ان سان اسان جو پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 15 سيڪڙو تي اچي ويو آهي، اهو ڪاروبار، صنعتن، زراعت، روانگي واپار ۽ واپار جي لاءِ انتهائي خوش آئنده آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ ماڻهو پنهنجي اڪائونٽس مان پئسا ڪڍي سيڙپڪاري ڪندا جنهن سان روزگار، پيداوار ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان پيداواري صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو، اهڙي طرح اڳتي وڌندا رهياسين ته اسان جي معيشت مستحڪم ٿيندي ۽ تيزي سان ترقي ڪندي. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته ڪالهه اسيمبل?? جي اجلاس کانپوءِ پاڪستان جو وفد سندس سعودي عرب جي دور?? جي ڏس ۾ روانو ٿي ويو آهي. ڀائر ملڪن سعودي عرب ۽ قطر جو دورو انتهائي مفيد ۽ تعميري رهيو. سعودي ولي عهد ملاقات ۾ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي تيزي سان فيصلا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو هو. ڪالهه انه?? جي روشني ۾ اسان اڳڀرائي ڪندي پنهنجو وفد سعودي عرب موڪليو آهي، ان دور?? جي دوران شمسي توانائي، هنرمند افرادي قوت، کاڻين جي کوٽائ?? جي شعبن سان لاڳاپيل معاملا غور هيٺ ايندا. وزيراعظم چيو ته هنرمند نوجوانن جي سعودي عرب ۽ قطر ۾ وڏي گهرج آهي، خاص طور تي آءِ ٽ?? جي شعبي ۾ وڏي کپت آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته آءِ ٽ?? جي وزارت ان سلسلي ۾ ڀرپور ڪم ڪندي ۽ نوجوانن کي ڀرپور موقعا ملندا. وزيراعظم چيو ته بزنس ٽو بزنس معاهدن تي اڳڀرائي ٿي رهي آهي. اسان کي ان سلسلي ۾ تيزي سان ڪم ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته آذربائيجان سان 2 ارب ڊالر جي مفاهمت جي يادداشتن تي اڳتي وڌڻ جو وقت به اچي ويو آهي. آذربائيجان جي صدر اڳڀرائي جو پيغام موڪليو آهي، ان تي اسان جلد عملدرآمد ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته معيشت ۽ سيڙپڪار?? جي حوالي سان تمام گهڻا مثبت اشارا ملي رهيا آهن، هاڻي اهو اسان تي آهي ته دستياب موقعن مان ڪيترو فائدو کڻون ٿا. وزيراعظم چيو ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سا?? قرضن جي ڪاٿي ۾ 1300 ارب رپيا گهٽتائي ايندي ۽ ايندڙ وقتن ۾ مالياتي گنجائش ملندي. قدم سان قدم ملائي محنت ڪنداسين ته پاڪستان کي ڪاميابي ضرور ملندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪاروباري ماڻهن جي عزت ۽ تڪريم ڪئي وڃي ۽ ان جو حوصلو وڌايو وڃي، ان سان معيشت مضبوط ٿيندي. وزيراعظم چيو ته پاور سيڪٽر ۾ ”ونٽر پ??ڪيج“ آندو پيو وڃي. عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻو آهي ۽ معيشت کي ترقي ڏيڻي آهي. روزگار جي موقعن ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻو آهي. پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي. اهو ڏکيو ۽ ڊگهو سف?? آهي پر اهي ئي قومون اڳتي وڌنديون ۽ ڪاميابي حاصل ڪنديون آهن جيڪي فيصلو ڪري ڇڏين ته جيڪي به حالتون هجن اسان انهن کي منهن ڏينداسين. پوءِ الله تعاليٰ به ڪاميابي عطا ڪري ٿو.
معيشت ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان ڪيترائي مثبت اشارا ۽ موقعا ملي رهيا آهن، انهن مان فائدو کڻڻ جو دارومدار اسان تي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania