اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان سع??دي عرب جي نائب گهرو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز الداود ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل د??چسپي جي معاملن، پاڪ سع??دي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ، پيرا ملٽري فورسز، پوليس وفدن جي گڏيل مٽاسٽا ۽ گڏيل ٽريننگ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ قيدين جي مٽاسٽا جي معاهدي تي عملدرآمد تي اتفاق ٿيو. اسلام آباد ۾ ٿيل اعليٰ سطحي ملاقات ۾ سع??دي عرب جو سفير نواف بن سعيد الحمد المالڪي به موجود هو. گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد ۽ رياض کي جاڙا شهر قرار ڏيڻ جي تجويز ڏني جنهن تي سع??دي وزير اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ فيصلو ٿيو ته ان حوالي سان وڌيڪ ضروري قدم کنيا ويندا. ملاقات دو??ان پاڪستان مان فقيرن کي سع??دي عرب موڪليندڙ مافيا جي خاتمي جي حوالي سان پڻ ڳالهيون ڪيون ويون. گهرو وزير چيو ته 4300 فقيرن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سع??دي عرب ويندڙ فقيرن خلاف زيرو ٽالرينس پاليسي تي عمل ڪيو ويندو، جڏهن ته فقير مافيا خلاف سڄي ملڪ ۾ اثرائتو ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو پيو وڃي. ملاقات دو??ان ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته سع??دي عرب ۾ قيد 419 پاڪستانين جي وطن واپسي لاءِ قانوني ڪارروائي جلد مڪمل ڪئي ويندي. گهرو وزير چيو ته سع??دي عرب اسان جو پاڙيسري ڀاءُ ملڪ آهي. ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته سع??دي شهرين لاءِ پاڪستان اچڻ تي ڪا به ويزا پابندي ناهي، اهي جڏهن چاهين اچي سگهن ٿا. گهرو وزير محسن نقوي سع??دي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان جي ويزن 2030ع جي پڻ واکاڻ ڪئي. هن چيو ته سع??دي عرب جي قيادت 2030ع تائين معاشي، سماجي ۽ اقتصادي شعبن ۾ نمايان مقام حاصل ڪندي. ان موقعي تي سع??دي عرب جي نائب گهرو وزير چيو ته پاڪستان سان انتهائي ويجها لاڳاپا آهن جن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته پيرا ملٽري فورسز ۽ پوليس جي گڏيل مٽاسٽا تي ٻڌل سکيا وارن پروگرامن لاءِ تيار آهيون.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز الداود جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا