اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف چي?? آهي ته گورننس جي بهتري لاءِ ماهرن جي مقرري سان فيصلاسازي جي عمل ۾ بهتري ايندي، حڪومت ملڪ جي هر شعبي ۾ بهتري جي لاءِ سڌارن جي ايجنڊا لاڳو ڪري رهي آهي، ڊيجيٽائيزيشن، خودڪار نظام ۽ فيصلاسازي ۾ بهتري ئي جديد دور ۾ ترقي ۽ خ??شح??لي جا ضامن آهن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ش??با?? شريف جي اداراجاتي سڌارن جي ايجنڊا تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي. وزيراعظم محمد ش??با?? شريف سان گورننس جي بهتري جي لاءِ نئين مقرر ٿيل ماهرن ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم محمد ش??با?? شريف چي?? ته گورننس جي بهتري جي لاءِ ماهرن جي مقرري سان فيصلاسازي جي عمل ۾ بهتري ايندي، عوامي مفاد جي اهم فيصلن ۾ ماهرن جي راءِ ۽ تنقيدي جائزي کانپوءِ منظوري سان ڏورس نتيجا نڪرندا. هن چي?? ته منهنجي لاءِ اها انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي ته اسان باصلاحيت ۽ پنهنجي شعبن ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ماڻهن جي خدمتن فائدو کڻنداسين، توهان سڀني تي ملڪي معاملن جي فيصلاسازي ۾ ماهراڻي راءِ ۽ تعميري سوچ شا??ل ڪرڻ جي اهم ذميواري آهي. هن چي?? ته پراميد آهيان ته توهان پنهنجون ذميواريون انتهائي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيندا. حڪومت ملڪ جي هر شعبي ۾ بهتري جي لاءِ سڌارن جي ايجنڊا لاڳو ڪري رهي آهي. ڊيجيٽائيزيشن، خودڪار نظام ۽ فيصلاسازي ۾ بهتري ئي جديد دور ۾ ترقي ۽ خ??شح??لي جا ضامن آهن. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هي ماهر پنهنجي شعبن ۾ حڪومت کي ماهراڻي ۽ تنقيدي راءِ ۽ جائزو ڏيندا جنهن سان مختلف سيڪٽرز ۾ بهتر فيصلا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير ا??د خان چي??ا، راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نئين مقرر ٿيل آڦيسرن جي تعارف سان گڏوگڏ انهن جي ذميوارين کان پڻ آگاهه ڪيو ويو.
گورننس جي بهتري لاءِ ماهرن جي مقرري سان فيصلاسازي جي عمل ۾ بهتري ايندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ