اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي ??سپ??ڪر سردار اياز صادق جي ويزن موجب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ميزبانيءَ ۾ 19 ۽ 20 ڊسمبر 2024ع تي 18هين ??سپ??ڪرز ڪانفرنس پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف ميڊيا طرفان جاري بيان موجب 18هين ??سپ??ڪرز ڪانفرنس هڪ ڏهاڪي جي ڊگهي مُدي کانپوءِ منعقد ٿي رهي آهي. ڪانفرنس ??سپ??ڪر اياز صادق جي ملڪ جي قانونساز ادارن وچ ۾ تعاون ۾ واڌ ۽ قانوني چئلينجز کي حل ڪرڻ لاءِ عزم جو اظهار آهي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته 17هين ??سپ??ڪرز ڪانفرنس 2014ع ۾ قومي اسيمبليءَ جي ??سپ??ڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ منعقد ٿي هئي ۽ هاڻ 10 سالن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر 18هين ??سپ??ڪرز ڪانفرنس 19 ۽ 20 ڊسمبر تي ان جي ئي صدارت ۾ منعقد ٿي رهي آهي. ڪانفرنس ?? ملڪ جي قانونساز ادارن جا ??سپ??ڪرز ۽ صدر نشين پنهنجي پارلياماني وفدن سان شريڪ ٿيندا. تحقيق تي ٻَڌل قانونسازيءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ قانونساز ادارن وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ هم آهنگيءَ کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. 18هين ??سپ??ڪرز ڪانفرنس ۾ جن اهم موضوعن تي توجهه ڏني ويندي انهن ۾ پارلياماني ڪارروائيءَ ۾ نظم ۽ ضبط ۽ ڪارڪردگيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ انسٽيٽيوٽ آف ويپس کي وڌيڪ مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻ، عوام جي پارليامينٽ تائين رسائي وڌائڻ لاءِ ورچوئل پارليامينٽ جو قيام، پارليامينٽ ۽ عوام وچ ۾ رابطن کي بهتر بڻائڻ، قانونسازيءَ جي عمل کي آسان بڻائڻ لاءِ قاعدن ۽ ضابطن ۾ ترميم، بين الصوبائي پارلياماني رابطن کي مضبوط بڻائڻ، قانونساز ادارن وچ ۾ تج??بن ۽ بهترين روايتن جي مٽاسٽا جو طريقيڪار جوڙڻ، پائيدار ترقيءَ جي هدفن جي حاصلات لاءِ قانونساز ادارن وچ ۾ رابطن ۾ واڌ، صنفي برابري، نوجوانن جي نمائندگي، ٻارن جي حقن ۽ موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ جهڙا اهم مسئلا شامل آهن. 18هين ??سپ??ڪرز ڪانفرنس ??سپ??ڪر سردار اياز صادق جو ملڪ جي قانونساز ادارن وچ ۾ رابطن، تعاون ۽ هم آهنگيءَ کي هٿي ڏيڻ جي عزم جي عڪاسي آهي. پارلياماني حلقن ۾ ان ڪانفرنس کي وڏي اهميت ڏني پئي وڃي ۽ توقع ڪئي پئي وڃي ته هيءَ ڪانفرنس قانونساز ادارن وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ، قانونسازيءَ جي عمل کي جديد گهرجن موجب ڪرڻ ۽ مؤثر پارلياماني خدمتن لاءِ هڪ مضبوط فريم ورڪ جوڙڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. هيءَ اهم اجتماعي وفاقي، صوبائي ۽ قانونساز اسيمبلين جي وچ ۾ تعاون ۾ واڌ، تج??بن ۽ بهترين روايتن جي مٽاسٽا لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪندو، جنهن سان ادارن وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ڪانفرنس افتتاحي ۽ پڄاڻي ۽ سائيڊ لائن اجلاسن کان علاوه مخصوص قومي ترجيحن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ خصوصي پارلياماني فورمز جن ۾ پائيدار ترقيءَ جا هدف، پارلياماني ٽاسڪ فورس، وومين پارليامينٽري ڪاڪس، ينگ پارليامينٽري فورم، ٻارن جي حقن بابت پارلياماني ڪاڪس جا اجلاس پڻ ٿيندا. انهن اجلاسن ۾ پارلياماني ڪوششن کي عالمي ترقياتي ايجنڊا سان هم آهنگ ڪرڻ، فيصلا سازيءَ ۾ عورتن جو ڪر??ار وڌائڻ، پاليسي سازيءَ ۾ نوجوانن جي نمائندگي کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻارن جي فلاح بهبود ۽ تحفظ لاءِ قانونسازيءَ تي توجهه ڏني ويندي. ان ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ سينيٽ جو چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سميت پنجاب اسيمبليءَ جو ??سپ??ڪر ملڪ محمد احمد خان، سنڌ اسيمبليءَ جو ??سپ??ڪر سيد اويس قادر شاهه، ڪي پي ڪي اسيمبليءَ جو ??سپ??ڪر بابر سليم سواتي، بلوچستان اسيمبليءَ جو ??سپ??ڪر عبدالخالق اچڪزئي، آزاد ڄمون ڪشمير قانونساز اسيمبليءَ جو ??سپ??ڪر چوڌري لطيف اڪبر ۽ گلگت بلتستان اسيمبليءَ جو ??سپ??ڪر نذير احمد شرڪت ڪندا. ان کان علاوه ڪانفرنس ۾ قومي اسيمبلي، سينيٽ، چئني صوبائي اسيمبلين، آزاد ڄمون ڪشمير، قانونساز اسيمبلي ۽ گلگت بلتستان اسيمبليءَ جي ميمبرن جا وفد ۽ سيڪريٽريز پڻ شريڪ ٿيندا.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ميزبانيءَ ۾ 18هين اسپيڪرز ڪانفرنس 19 ۽ 20 ڊسمبر تي ٿيندي
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II